واشنگٽن-06 جنوري (اي پي پي) آمريڪا ۾ مسلمانن جي مُک تنظيم ڪائونسل آن آمريڪن اسلامڪ رليشنز (سي اي آءِ آر) غزه ۾ فلسطينين جي نسل ڪشيءَ لاءِ اس??ائ??ل کي آمريڪي صدر جوبائيڊن طرفان 8 بلين ڊالرن جا هٿيار وِڪرو ڪرڻ جي نئين معاهدي جي مذمت ڪندي ان کي نسل پرستاڻو ۽ سماج دشمن قرار ڏنو آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب آمريڪي پرڏيهي کاتي ڪانگريس کي اس??ائ??ل سان 8 بلين ڊالرن جي هٿيارن جي معاهدي جي باري ۾ غير رسمي طور اطلاع ڪيو آهي جنهن ۾ ويڙهاڪ جهازن ۽ ح??لي آور هيليڪاپٽرن سان گڏوگڏ توپ خاني جا گولا به ش??مل هوندا. سي اي آءِ آر جي مذمت ان وقت سامهون آئي جڏهن اس??ائ??ل نئين چونڊيل آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي حلف برداريءَ کانپوءِ غزه شهر ۾ شهري آبادي جي جبري فاقا ڪشيءَ ۾ واڌ جو منصوبو بڻائي رهيو آهي. انسا??ي حقن جي ڪيترن ئي تنظيمن عالمي ادارن اس??ائ??ل تي غزه ۾ نسل ڪشي جو الزام لڳايو آهي. عالمي فوجداري عدالت (آءِ سي سي) جنگي ڏوهن جو سبب بڻجڻ تي اس??ائ??لي وزيراعظم بنجمن نيتن ياهو ۽ بچاءَ واري اڳوڻي وزير يووگيلنٽ جا گرفتاريءَ وارا وارنٽ جاري ڪيا آهن. سي اي آءِ آر جي نيشنل ا??گز??ڪيوٽو ڊائريڪٽر نهاد عواد چيو ته اسان بائيڊن انتظاميه جي ان ناقابل يقين ۽ مجرماڻي فيصلي جي شديد مذمت ڪريون ٿا ته ان اس??ائ??ل تي غزه ۾ نسل ڪشيءَ جي خاتمي لاءِ دٻاءُ وڌائڻ ۽ آمريڪي اثر رسوخ استعمال ڪرڻ بدران جنگي ڏوهي اس??ائ??لي وزيراعظم جي حڪومت کي وڌيڪ 8 بلين ڊالرن جا آمريڪي هٿيار فراهم ڪيا.
سي اي آءِ آر پاران غزه ۾ فلسطينين جي نسل ڪشي لاءِ اسرائيل کي 8 ملين ڊالرن جا هٿيار وِڪرو ڪرڻ جي نئين معاهدي جي مذمت
مضمون کا ماخذ : estratégias dupla sena