اسلام آباد – 05 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم شاهد خاقان عباسي چيو آهي ته ڪشمير سان يڪجهتي جي ڏهاڙي جي موقعي تي آزاد ڪ??مير قانونساز اسيمبلي ۽ ڪشمير ڪائونسل جي گڏيل اجلاس کي خطاب ڪرڻ جي سعادت حاصل ٿي جيڪا منهنجي لاءِ هڪ اعزاز جي ڳالهه آهي، توهان هڪ اهڙي غيرتمند قوم جي نمائندگي ڪريو ٿا جنهن تمام گهڻيون قربانيون ڏنيون آهن، انهن جون لازوال قربانيون اسان سڀني جي لاءِ فخر جوڳيون آهن، اسان کي آز??دي جي جدوجهد ۾ مصروف ماڻهن جي مشڪلاتن جي خبر آهي، پاڪستان حڪومت ڪشمير تڪرار جي پرامن حل ۽ آزاد ڪ??مير جي ترقي جي لاءِ ڪوششون ڪري رهي آهي، اهل پاڪستان ۽ اهل ڪشمير جون دليون گڏ ڌڙڪن ٿيون ۽ صديون پراڻو اهو رشتو سدائين قائم رهندو. هن چيو ته حڪومت آزاد ڪ??مير جي بج??ٽ ۽ ترقياتي بج??ٽ ٻيڻي ڪئي آهي جڏهن ته مانسهره کان مظفرآباد تائين رستي جي منصوبي کي سي پيڪ ۾ شامل ڪيو ويو آهي. مظفرآباد ۾ آزاد ڪ??مير قانونساز اسيمبلي ۽ ڪشمير ڪائونسل جي گڏيل اجلاس کي خطاب ڪندي هن چيو ته ڊگهي عرصي تائين اپوزيشن جي سياست ڪئي آهي ۽ اپوزيشن جي سوچ کان واقف آهيان.
پاڪستان حڪومت ڪشمير تڪرار جي حل ۽ ترقي لاءِ ڪوششون ڪري رهي آهي: وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : شمال کے ڈریگن