اسلام آباد – 19 سيپٽمبر (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر چيو آهي ته جمهوريت کي ڪو به خطرو نه آهي تنهن هوندي به اها ارتقائي عمل مان گذري رهي آهي، ملڪ ۾ جمهوريت انهي وقت م??بوط ٿيندي جڏهن سياسي پارٽين جي اندروني چونڊون ٿينديون، ميڊيا ٽربيونل جو مسودو جڏهن قومي اسيمبلي ۾ پيش ٿيندو ته صحافين جي نمائندن کي قانون ۽ انصاف بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي ۾ راءِ ڏيڻ لاءِ دعوت ڏني ويندي، ڪو به اهڙو قانون نه بڻجندو جنهن سان ص??افين ۽ ميڊيا ورڪرز جا مفاد مجروح ٿين. پارليامينٽ هائوس ۾ پارلياماني رپورٽرز ايسوسيئيشن (پي آر اي) جي حلف برداري تقريب کي خطاب ڪندي قومي اسيمبلي جي اسپيڪر پي آر اي جي نون چونڊيل عهديدارن کي مبارڪباد پيش ڪئي.
مضمون کا ماخذ : raspadinha resultados