اسلام آباد – 06 آڪٽوبر (اي پي پي) حڪومتي ترجمان وزيراعظم عمران خان کي گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي اجلاس کانپوءِ پاڪستان واپسي تي سعودي ولي عهد محمد بن سلمان پاران خصوصي جهاز کي ڪئناڊا کان واپس نيويارڪ گهرائڻ جي رپورٽ کي من گهڙت قرار ڏيندي ان کي رد ڪري ڇڏي?? آهي. جاري بيان ۾ چيو وي?? آهي ته ويڪلي ميگزين ۾ ان حوالي سان شايع ٿيندڙ رپورٽ سراسر غلط آهي ۽ ان ۾ ڪا صداقت نه آهي. ترجمان چيو ته اها رپورٽ وزيراعظم عمران خان جي نيويارڪ ۾ ترڪيءَ ۽ ملائيشيا جي اڳواڻن سان ملاقاتن بابت ڏنل رپورٽ وانگر بي بنياد ۽ هٿ ٺوڪي ڪهاڻي آهي.
مضمون کا ماخذ : قسمت کا پہیہ