اسلام آباد – 11 جولاءِ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چي?? آهي ته آبادي ۾ تمام گهڻي اضافي سان اسان جي معيشت جي ترقي ۽ دستياب وسيلن تي دٻاءُ وڌندو، ان بدقسمتي سان اسان جي قوم غربت، ڄم جي خراب صورتحال?? غذائي کوٽ جي نه ختم ٿيندڙ سلسلي کي منهن ڏيندي، ميڊيا ۽ عالم سڳورن کي ان حوالي سان آگاهي پيدا ڪر?? جي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪر?? گهرجي. اهڙن خيالن جو اظهار هن آبادي جي عالمي ڏهاڙي تي پنهنجي ٽوئيٽس ۾ ڪيو. صدر چي?? ته آبادي ۾ تمام گهڻي اضافي سان اسان جي معيشت جي ترقي ۽ دستياب وسيلن تي دٻاءُ وڌندو. ان بدقسمتي سان اسان جي قوم غربت، ڄم جي خراب جي صورتحال?? غذائي کوٽ جي نه ختم ٿيندڙ سلسلي کي منهن ڏيندي. هن چي?? ته اسان کي 24 کان 36 مهينن جي ٻار کي ماءُ جو کير پيارڻ کي فروغ ڏيڻ گهرجي. اهو قدرتي عمل به آهي ۽ قرآن پاڪ مطابق به آهي. ان عرصي دوران ماءُ خوراڪ جي کوٽ شڪار نه ٿيندي ۽ ٻار جي واڌويجهه به متاثر نه ٿيندي، ان حوالي سان عالم سڳورن کي پنهنجو ڪردار ادا ڪر?? گهرجي. ڊاڪٽر عارف علوي چي?? ته وزيراعظم ان کي قومي هنگامي صورتحال قرار ڏئي مون کي پاپوليشن ٽ??سڪ فورس جو سربراهه بڻايو.
آبادي ۾ تمام گهڻي اضافي سان اسان جي معيشت جي ترقي ۽ دستياب وسيلن تي دٻاءُ وڌندو: صدر
مضمون کا ماخذ : estatisticas dupla sena