اسلام آباد – پهرين آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته پاڪستان جي سالميت ۽ خودمختياري کي يقيني بڻائڻ جي سلسلي ۾ تذويراتي صلاحيتن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي لاءِ سمورا وسلا ڪتب آندا ويندا، پاڪستان جي جوهري ۽ تذويراتي صلاحيت هڪ ??ضبوط ڪمانڊ اينڊ ڪنٽرول سسٽم جي ت??ت مڪمل طور تي محفوظ آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن اسپارڪو جي سيٽلائيٽ گرائونڊ اسٽيشن جي دوري جي موقع?? تي ڪيو. وزيراعظم کي اسپيس، سائنس ۽ ٽيڪنالاجي جي شعبن ۾ مقامي صلاحيت جي ت??قي ۾ اسپارڪو جي ڪاميابين سان گڏوگڏ قومي سلامتي کي مضبوط بڻائڻ ۽ سماجي ۽ اقتصادي ت??قي لاءِ اسپارڪو جي خدمتن جي باري ۾ به بريفنگ ڏني وئي.
مضمون کا ماخذ : ٹمپل ٹمبل