اسلام آباد – 27 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان لاڳاپيل عملدارن کي هدايت ڪئي آهي ته اهي چانور جي برآمدات کي وڌائڻ جي لاءِ ڊگهي مدي واري فنانسنگ (ايل ٽي ايف) ايڪسپورٽ ري فنانسنگ اسڪيم تي موثر عملدرآمد جي لاءِ سمورا ممڪن ق??م کڻن، حڪومت معاشي استحڪام جي لاءِ برآمد ڪندڙن جي حوصلا افزائي تي ڌيان ڏئي رهي آهي. وزيراعظم عمران خان نيشنل ايڪسپورٽ ڊيولپمينٽ بورڊ جي اجلاس جي صدارت ڪئي ته جيئن عالمي مارڪيٽ ۾ وڌيڪ مارڪيٽ شيئر حاصل ڪرڻ جي لاءِ چانور برآمد ڪندڙن جي حوصلا افزائي ڪئي وڃي. اجلاس ۾ ناڻي واري وفاقي وزير شوڪت فياض ت??ين?? صنعت ۽ پيداوار واري وفاقي وزير مخدوم خسرو بختيار، سامونڊي معاملن واري وفاقي وزير سيد علي حيدر زيدي، وزيراعظم جي واپار واري صلاحڪار عبدالرزاق دائود، وزيراعظم جي خاص معاون ڊاڪٽر شهباز گل، چانور برآمد ڪندڙ?? ۽ ??اڳاپيل سينيئر آفيسرن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ ٻڌايو ويو ته چانور جي شعبي جي برآمدات ۾ بهتري جا وسيع امڪان موجود آهن. اهو زمين جي ليزر ليونگ ۽ چانور جي پوکيءَ ۽ واڍيءَ جي ميڪاني طريقن کي اختيار ڪندي في ايڪڙ فصل جي پيداوار وڌائي پنهنجي برآمدي هدف کي موجوده 2 بلين آمريڪي ڊالر مان وڌائي 5 بلين ڊالر تائين وٺي وڃي سگهي ٿو. وزيراعظم هدايت ڪئي ته آرگينڪ ۽ برائون رائس جي پيداوار تي خاص ڌيان ڏ??و وڃي ۽ ماڻهن کي انهن جي استعمال جي ترغيب ڏني وڃي ته جيئن ملڪ ۾ شگر جي مرض جي وڌندڙ رجحان تي ضابطو آڻي سگهجي. وزيراعظم لاڳاپيل عملدارن کي هدايت ڪئي ته اهي چانور جي برآمدات کي وڌائڻ جي لاءِ ڊگهي مدي واري فنانسنگ (ايل ٽي ايف) ۽ ايڪسپورٽ ري فنانسنگ اسڪيم تي موثر عملدرآمد جي لاءِ سمورا ممڪن ق??م کڻن.
وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ نيشنل ايڪسپورٽ ڊيولپمينٽ بورڊ جو اجلاس
مضمون کا ماخذ : لاٹری کی قانونی حیثیت