اسلام آباد – 13 جنوري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي پاڪستان ۽ ڏکڻ ڪوريا ج?? وچ ۾ واپار وڌائڻ لاءِ فعال قدمن جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته پاڪستان ڪوريا سان پنهن??ي لاڳاپن کي انتهائي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو ۽ هو ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ سياسي، معاشي ۽ عوامي ۽ ثقافتي لاڳاپا وڌائڻ جو خواهشمند آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڏکڻ ڪوريا ??ي لاءِ پاڪستان جي نامزد ??فير نبيل منير سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ايوان صدر ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب صدر چيو ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ واپاري ماپو وڌائڻ لاءِ عملي قدمن جي ضرورت آهي، ڪار??با?? ۽ سيڙپڪار دوست ماحول جي ڪري پاڪستان سيڙپڪاري لاءِ پُرڪشش مقام آهي. ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته نامزد ??فير ڪورين سيڙپڪارن کي خصوصي اقتصادي زونز ۽ سي پيڪ ۾ سيڙپڪاري لاءِ متوجهه ڪري، ڪوريا ۽ پاڪستان ۾ مذهبي سياحت جي فروغ جا وسيع امڪان موجود آهن. صدر چيو ته ڪوريا ج?? سياحن کي پاڪستان ۾ ٻڌمت جي تاريخي مذهبي ماڳن جو دورو ڪرڻ جي ترغيب ڏيڻي پوندي، هن ڪوريا ج?? ايگزم بئنڪ پاران اسلام آباد ۾ آءِ ٽي پارڪ لاءِ 88 ملين ڊالر ڏيڻ ۽ ڪراچي ۾ سام سنگ جي م??با??يل فونز مينوفيڪچرنگ يونٽ شروع ڪرڻ ??ي به ساراهيو. صدر ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ پارلياماني دوستي گروپ جي مٽاسٽا ج?? ضرورت تي به زور ڏنو، ان کانپوءِ الجزائر ۾ پاڪستان جي نامزد ??فير ڊاڪٽر محمد طارق به صدر سان ملاقات ڪئي. صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته پاڪستان ۽ الجزائر جي وچ ۾ گڏيل مذهب ۽ ثقافتي قدرن تي ٻڌل دوستاڻا لاڳاپا آهن، آءِ ٽي جي شعبي ۾ الجزائر سان لاڳاپا وڌائڻ جي ضرورت آهي، هن چيو ته نامزد ??فير الجزائر سان پارلياماني ۽ ايوان صنعت ۽ واپار جي وفدن جي مٽاسٽا ج?? فروغ لاءِ ڪم ڪري. صدر ان موقعي تي پاڪستان ۽ الجزائر جي وچ ۾ گڏيل ڪار??با??ي ڪائونسل قائم ڪرڻ جي تجويز به ڏني.
صدر ڊاڪٽر عارف علوي سان ڏکڻ ڪوريا ۽ الجزائر جي لاءِ پاڪستان جي نامزد سفيرن جي ملاقات
مضمون کا ماخذ : شریر چڑیل