اسلام آباد – 22 – مارچ (اي پي پي) قازقستان جي نائب وزيراعظم مختار تلبردي چيو آهي ته مسلمان امت جي وچ ۾ اتحاد ۽ اتفاق ۽ چئلينجز کي منهن ڏيڻ جي لاءِ گڏيل حڪمت عملي وقت جي ضرورت آهي، سل??متي ڪائونسل جي قراردادن موجب ڪشمير مسئلي ۽ فلسطين مسئلي جو حل ضروري آهي. قازقستان ۽ ايشيا گروپ جي ن??ائندي طور اسلامي تعاون تنظيم جي پرڏيهي وزيرن واري ڪائونسل جي 48 هين اجلاس کي خطاب ڪندي قازقستان جي نائب وزيراعظم چيو ته او آءِ سي پرڏيهي وزيرن واري ڪائونسل جي اجلاس جي پاڪستان کي بهترين ميزباني تي مبارڪباد ڏيان ٿو. هن وقت دنيا کي عالمي سطح تي ڪيترائي تڪرار درپيش آهن. روس يوڪرين تڪرار سان عالمي معيشت دٻاءُ جو شڪار آهي. هن چيو ته قازقستان ڪشمير مسئلي جو سل??متي ڪائونسل جي قراردادن موجب منصفاڻو حل چاهي ٿو، ان سان گڏوگڏ سل??متي ڪائونسل جي قراردادن موجب فلسطين مسئلي جو پڻ منصفاڻو حل چاهي ٿو. هن چيو ته خطي جي ٻين ملڪن سان پائيدار لاڳاپا قازقستان جون ترجيحون آهن. ملڪن جو هڪ ٻئي تي دارومدار وڌي رهيو آهي. فيڪ نيوز مذهبي ۽ نسلي ن??رت جو سبب بڻجي رهي آهي. افغانستان جي صورتحال تي اسان کي ڳڻتي آهي. افغانستان کي انساني بنيادن تي فوري امداد جي ضرورت آهي.
مسلمان امت جي وچ ۾ اتحاد ۽ اتفاق ۽ چئلينجز کي منهن ڏيڻ جي لاءِ گڏيل حڪمت عملي وقت جي ضرورت آهي: قازقستان جو نائب وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : اولمپس کے خدا