اسلام آباد – 03 – اپريل (اي پي پي) ق??مي اسيمبلي ۾ وزيراعظم جي خلاف بي اعتمادي رٿ آئين جي خلاف قرار ڏي??دي آئين جي آرٽيڪل 5 اي جي خلاف قرار ڏي??دي رد ڪئي وئي. ڊپٽي اسپيڪر قاسم خان سوري اطلاعات، نشريات ۽ قانون واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين جو موقف ٻڌڻ کانپوءِ رولنگ ڏي??دي چيو ته وزيراعظم جي خلاف بي اعتمادي جي رٿ آئين ۽ قانون موجب هجڻ گهرجي. هن چيو ته وزيراعظم جي خلاف بي اعتمادي جي رٿ آئين جي آرٽيڪل 5 هڪ جي خلاف آهي ان لاءِ ان رٿ کي رد ڪريان ٿو. ان کان اڳ اطلاعات، نشريات ۽ قانون واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين اعتراض واري نقطي تي چيو ته آئين جي آرٽيڪل 95 تحت بي اعتمادي جي رٿ جمهوري حق آهي جڏهن ته آئين جي آرٽيڪل 5 هڪ ۾ رياست س??ن وفاداري هر شهري ??ي بنيادي ذميواري مقرر ڪئي وئي آهي. 7 مارچ تي اسان جي سفير کي سرڪاري ملاقات جي لاءِ طلب ڪيو وڃي ٿو ۽ ان ملاقات ۾ اسان جي سفير کي ٻڌايو وڃي ٿو ته وزيراعظم جي خلاف بي اعتمادي رٿ اچڻي آهي. ??ن وقت تائين پاڪستان ۾ ڪنهن کي به ان جي خبر نه هئي ته بي اعتمادي رٿ اچي رهي آهي. ان ملاقات ۾ پاڪستاني سفير کي ٻڌايو وڃي ٿو ته پاڪستان سان لاڳاپن جو دارومدار ان بي اعتمادي رٿ جي ڪاميابي تي آهي. جيڪڏهن اها رٿ ڪامياب نه ٿي ٿئي ته اڳيون قدم سخت هوندو. وزير چيو ته ان جي فوري پوءِ بي اعتمادي جي رٿ آ??دي وئي ۽ اسان جي اتحادين ۽ اسان جي 22 ايم اين ايز جا ضمير به اوچتو جاڳي وڃن ٿا. هن چيو ته ڇا 22 ڪروڙ جي رياست ايتري ڪمزور آهي جو ڪو ملڪ اهڙي طرح اسان جي ملڪ ۾ مداخلت ڪري، ڇا اها آرٽيڪل 5 جي خلاف ورزي نه آهي؟ ڇا پاڪستان جي عوام ڪا ڪٺ پتلي، غلام يا ڀڪاري آهي؟ ج??ڪڏهن اسان غيرتمند قوم آهيون ته اهو تماشو نه ٿو هلي سگهي. هن چيو ته ان تي ڊپٽي کان رولنگ گهرجي جنهن ان تي رولنگ ڏي??دي چيو ته آئين جي آرٽيڪل 5 هڪ تحت رياست س??ن وفاداري هر شهري ??ي بنيادي ذميواري آهي. هن چيو ته بي اعتمادي جي ان رٿ جي پٺيان غيرملڪي سازش آهي، ان لاءِ هو رولنگ ڏي ٿو ته هو بي اعتمادي جي ان رٿ کي رد ڪري ٿو. ان سان گڏ ئي هن ق??مي اسيمبلي جو اجلاس اڻڄاتل مدي تائين ملتوي ڪرڻ جو آرڊر پڙهي ٻڌايو.
قومي اسيمبلي ۾ وزيراعظم جي خلاف بي اعتمادي رٿ آئين جي خلاف قرار ڏيندي آئين جي آرٽيڪل 5 اي جي خلاف قرار ڏيندي رد
مضمون کا ماخذ : jogos de raspadinha