فيصل آباد – 02 – آگسٽ (اي پي پي) ناليواري پارليامينٽرين، مس??م ليگ (ن) جي اڳواڻ صوبائي اسيمبلي ميمبر ميان ??اهر جميل چيو آهي ته موجوده حڪومت وزيراعظم م??مد شهباز شريف جي قيادت ۾ ڪشمير جي مسئلي جو گڏيل قومن ??ي قراردادن موجب حل جي لاءِ ڪوششون ڪري رهي آهي ۽ ان ڏس ۾ سفارتي سطح تي دنيا کي ڀارتي ظلمن ??ابت آگاهه ڪرڻ جي لاءِ قدم جاري آهن. هڪ بيان ۾ هن چيو ته ڀارتي فوج ڄمون ۽ ڪشمير تي غاصباڻي قبضي جي خلاف ۽ ڪشميري عوام سان يڪجهتي جي اظهار لاءِ مختلف پروگرامز منعقد ڪيا ويندا، جن ۾ شهري وڏي انگ ۾ شرڪت ڪندا. هن چيو ته 5 آگسٽ تي ??مون ۽ ڪشمير ۾ ڀارتي فوج جي غاصباڻي گهيراءُ کي ٽي سال مڪمل ٿيڻ تي پاڪستاني قوم مظلوم ڪشميري عوام سان يڪجهتي جو اظهار ڪندي جڏهن ??ه ڀارت جي خلاف ڪشمير استحصال ڏهاڙو ملهائڻ جو مقصد عالمي طاقتن ??و ڌيان ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ڀارتي ظلم ۽ ڏاڍ طرف ڇڪرائڻ آهي. هن چيو ته مظلوم ڪشميري عوام سان يڪجهتي جي اظهار ۽ ڀارتي حڪومت پاران ڄمون ۽ ڪشمير جي آئيني حيثيت تبديل ڪرڻ جي ڀرپور مذمت جي لاءِ ڪشمير استحصال ڏهاڙو قومي جوش ۽ جذبي سان ملهائي سڄي قوم ثابت ڪندي ته اها هر لمحي پنهنجي ڪشميري ڀائرن ??ان گڏ آهي. هن چيو ته ڪشمير پاڪستان ??ي شهه رڳ آهي.
موجوده حڪومت وزيراعظم شهباز شريف جي قيادت ۾ ڪشمير مسئلي جي گڏيل قومن جي قراردادن موجب حل لاءِ ڪوششون ڪري رهي آهي: ميان طاهر جميل
مضمون کا ماخذ : raspadinha acumulada