اسلام آباد – 30 سيپٽمبر (اي پي پي) ايشيائي ترقياتي بينڪ پاڪستان ۾ ٻوڏ متاثر علائقن ۾ امداد ۽ پائيدار بنيادي ڍانچي جي تعمير جي سرگرمين ۾ مدد لاءِ 2 ارب ڊا??ر کان وڌيڪ جي سهڪار جي منظوري ڏيندي. اها ڳالهه ايشيائي ترقياتي بينڪ جي مرڪزي ۽ اولهه ايشيا جي ڊائريڪٽر جنرل يوجين زوڪوف منيلا ۾ ورچوئل پريس ڪانفرنس ۾ ٻڌائي. هن پاڪستان ۾ تازي ٻوڏ ۽ طوفاني برساتن سبب ٿيل جاني ۽ مالي نق??ان تي همدردي ۽ ڏک جو اظهار ڪيو ۽ چيو ته بينڪ اڳ ۾ ئي خوراڪ جي فراهمي ۽ خيمن جي فوري خريداري لاءِ 30 لک ڊا??ر جي گرانٽ فراهم ڪري ڇڏي آهي. هن چيو ??ه انتهائي ضروري فو??ي امداد، متاثر علائقن ۾ بحالي ۽ نئين سر تعمير لاءِ 500 کان 700 ملين ڊا??ر جو پيڪيج پڻ ڏنو پيو وڃي جنهن جي منظوري هلندڙ سال جي آخر ۾ ڏني ويندي. هن چيو ??ه ايشيائي ترقياتي بينڪ پاڪستان ۾ معاشي طور تي ڪمزور طبقن تي خوراڪ جي وڌندڙ قيمتن ۽ ٻين ڏکيائين جي اثرن کي گهٽائڻ لاءِ وڌيڪ 1.5 ارب ڊا??ر جي ڪائونٽر سائيڪليڪل سپورٽ تي ڪاروائي ڪري رهي آهي.
ايشيائي ترقياتي بينڪ پاڪستان ۾ بوڏ متاثرن ۽ متاثر علائقن لاءِ 2 ارب ڊالر کان وڌيڪ جي سهڪار جي منظوري ڏيندي
مضمون کا ماخذ : jogos de loteria Nordeste