اسلام آباد – 26 – ڊسمبر (اي پي پي) پر??يهي وزير بل??ول ڀٽو زرداري سعود?? عرب جي پرڏيهي وزير شهزاده فيصل بن فرحان السعود سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي. پر??يهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب پاڪستان ۽ سعود?? عرب جي وچ ۾ ڀائراڻن لاڳاپن کي ورجائيندي ٻنهي پر??يهي وزيرن گڏيل دلچسپي جي سمورن شعبن ۾ ٻطرفي تعاون کي وڌيڪ وڌائڻ ۽ سگهه ڏيڻ جي گڏيل عزم کي ورجايو. پر??يهي وزير بل??ول ڀٽو زرداري پاڪستان جي ٻوڏ متاثرين بابت امداد تي سعود?? عرب جي قيادت جا ٿورا مڃيا. پر??يهي وزير پنهنجي سعودي هم منصب کي ”ڪلائميٽ ريزيلينٽ پاڪستان“ بابت ايندڙ عالمي ڪانفرنس کان آ??اهه جيڪا 9 جنوري تي جنيوا ۾ منعقد ٿي رهي آهي. سعودي پر??يهي وزير پاڪستان جي ٻوڏ کانپوءِ جي نئين سر تعمير ۽ بحالي جي ڪوششن جي سمورن قدمن جي لاءِ سعود?? عرب جي ڀرپور حمايت کان آ??اهه ڪيو. ٻنهي پر??يهي وزيرن افغانستان جي تازي اڳڀرائي تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. هنن عورتن جي حقن جي ضمانت ۽ زندگي جي سمورن رخن ۾ انهن جي مڪمل ۽ برابر شرڪت جي اهميت کي ورجايو. هنن افغانستان ۾ سلامتي، استحڪام ۽ امن جي لاءِ پنهنجي حمايت ۽ افغان عوام جي لاءِ وڌيڪ پائيدار مستقبل جي تعمير جي لاءِ عالميم شموليت جي اهميت کي ورجايو.
بلاول ڀٽو زرداري جي سعودي عرب جي پرڏيهي وزير سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه
مضمون کا ماخذ : کمپیوٹرائزڈ لاٹری