اسلام آباد – 22 – في??روري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي کي يوڪرين جي صدر ولادي مير زيلنسڪي ٽيليفون ڪئي، ٻنهي صدرن پاڪس??ان ۽ يوڪرين جي سياسي ۽ اقتصادي لاڳاپن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب پاڪس??ان ۽ يوڪرين جي صدرن روس – يوڪرين جنگ جي ڏس ۾ اسرندڙ دنيا کي درپيش توانائي ۽ خوراڪ جي مسئلن تي پڻ ڳالهه ٻولهه ڪئي. ٻنهي ملڪن جي صدرن پاڪس??ان ۽ يوڪرين جي گڏيل فائدي جي لاءِ اقتصادي ۽ واپاري لاڳاپن کي وڌائڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. صدر زيلنسڪي پنهنجي 10 نقاطي امن فارمولي جو حوالو ڏيندي يوڪرين روس تڪرار جي خاتمي لاءِ گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي ۾ پيش ڪئي ويندڙ قرارداد جي مسودي تي پاڪس??ان جي حمايت طلب ??ئي. صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته روس يوڪرين جنگ تي پاڪس??ان کي گهري ڳڻتي آهي، پاڪس??ان گڏيل قومن جي چارٽر موجب جنگ جي پ??ام?? حل جي حمايت ڪري ٿو. صدر چيو ته پاڪس??ان حڪومت پاران تجويز ڪيل قرارداد جي نقطن جو جائزو ورتو پيو وڃي. يوڪرين جي صدر زيلنسڪي صدر ڊاڪٽر عارف علوي کي يوڪرين جي دوري جي دعوت پڻ ڏني.
صدر ڊاڪٽر عارف علوي کي يوڪرين جي صدر ولادي مير زيلنسڪي جي ٽيليفون
مضمون کا ماخذ : لاٹری جیتنے کی حکمت عملی