اسلام آباد – 11 – مئي (اي پي پي) پرڏيهي آفيس چيو آهي ته ايٿوپيا جي پرڏيهي معاملن واري مملڪتي وزير مسگانو اريگا پاڪستان جي سرڪاري ??وري ??ي اسلام آباد ۾ آهي. دوري ??ور??ن پاڪستان ۽ ايٿوپيا سائنس ۽ ٽيڪنالاجي، واپار ۽ تعاون تي ڌيان ڇڪرائڻ سان گڏوگڏ گڏيل دلچسپي جي ڪيترن ئي ٻطرفن معاملن تي ڳالهه ٻولهه ڪندا. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ پريس بريفنگ ۾ چيو ته ايٿوپيا جو پرڏيهي معاملن وارو مملڪتي وزير اڱاري ڏينهن پاڪست??ن پهتو هو. پاڪستان اچڻ کانپوءِ هن پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري ??ان ملاقات ڪئي. هو خميس ڏينهن پرڏيهي معاملن واري مملڪتي وزير حنا رباني کر سان ملاقات ڪندو ۽ ايٿوپيا جي سفارتخاني جي افتتاحي تقريب ۾ به شريڪ ٿيندو. ترجمان چيو ته ٻئي ملڪ سائنس ۽ ٽيڪنالاجي، واپار ۽ گڏيل دلچسپي جي ٻين ٻطرفن معاملن تي ڳالهه ٻولهه ڪندا. هن چيو ته ايٿوپيا جي پرڏيهي معاملن واري مملڪتي وزير جي دوري ??ي موقعي تي ڪراچي ۽ اديس ابابا جي وچ ۾ ايٿوپين ايئرلائينز جي پهرين سڌوسنئون اڏام جي به شروعات ڪئي وئي آهي. هن چيو ته وفد ۾ ايٿوپيا جي سائنس ۽ ٽيڪنالاجي واري وزارت ۽ علائقائي يڪجهي جا مملڪتي وزير ۽ ڪاروباري ??رادري ??ا ميمبر شامل آهن.
ايٿوپيا جو پرڏيهي معاملن وارو مملڪتي وزير پاڪستان جي سرڪاري دوري تي آهي: پرڏيهي آفيس
مضمون کا ماخذ : loteria estadual