اسلام آباد – 24 – مئي (اي پي پي) پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين ۽ پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري اتر وزيرست??ن ۾ سيڪيورٽي فورسز تي دهشتگرد حملي جي سخت مذمت ڪندي چيو آهي ته خودڪش ڌماڪي ۾ سيڪيورٽي فورسز ۽ پوليس جي جوان جي شهادت تي دلي افسوس ٿيو آهي. هن پنهنجي بي??ن ۾ چيو ته چيڪ پوسٽ تي پنهنجون ذميو??ري??ن ادا ڪندي ملڪ جي ق??بل فخر فرزندن جانيون قربان ڪيون. اهي سرحدن جا محافظ ۽ قوم جا هيرو آهن قوم انهن هيروز کي سدائين ياد رکندي. هن چيو ته مون کي شهيدن جي خاندانن سان همدرديءَ آهي. پرڏيهي وزير خودڪش ڌماڪي ۾ زخمين جي جلد صحتيابي لاءِ دعا پڻ ڪئي ۽ چيو ته پنهنجي ڌرتي کي ملڪ دشمنن کان پاڪ ڪرڻ جي لاءِ اسان پرعزم آهيون، دهشتگردن ۽ انهن جي سرپرستن جو عبرتناڪ انجا?? ٿيندو.
مضمون کا ماخذ : خداؤں کی عمر