اسلام آباد – 11 – جولاءِ (اي پي پي) پرڏيهي سيڪريٽري ڊاڪٽر اسد مجيد خان 12 کان 14 ج??لاءِ تائين انڊونيشيا جي شهر جڪارتا ۾ منعقد ٿيندڙ آسيان ريجنل فورم (اي آر ايف) جي 30 هين وزارتي اجلاس ۾ پاڪستاني وفد جي قيادت ڪندو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب اي آر ايف جي 27 ميمبر مل??ن جا پرڏيهي وزير ۽ آسيان جو سيڪريٽري جنرل اجلاس ۾ شرڪت ڪندا. وزارتي اجلاس ۾ پرڏيهي سيڪريٽري ايشيا پيسفڪ جي لاءِ ڳڻتي جي سياسي ۽ سيڪيورٽي معاملن تي ڳا??هه ٻو??هه ۽ تعاون جي ذريعي گڏيل حل کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ ڳا??هه ٻو??هه ۾ حصو وٺندو. جڪارتا ۾ پرڏيهي سيڪريٽري انڊونيشيا جي عملدارن ۽ اي آر ايف جي ميمبر مل??ن جي هم منصبن ۽ دورو ڪندڙ وزيرن سان ملاقاتون ڪندو. هو ان موقعي تي ٿنڪ ٽينڪس، ڪاروباري اڳواڻن ۽ ميڊيا سان پڻ ڳا??هه ٻو??هه ڪندو. بيان موجب اي آر ايف 1994ع ۾ قائم ڪيو ويو جيڪو علائقائي امن ۽ سلامتي بابت مسئلن تي ايشيا پيسفڪ جي ملڪن جي وچ ۾ مشاورت جو هڪ اهم پليٽ فارم آهي. 2004ع ۾ اي آر ايف ۾ شموليت کان وٺي پاڪستان فورم جو هڪ فعال ميمبر رهيو آهي ۽ هو باقاعدگي سان ان جي سرگرمين ۾ حصو وٺي ٿو.
پرڏيهي سيڪريٽري ڊاڪٽر اسد مجيد خان 12 کان 14 جولاءِ تائين جڪارتا ۾ منعقد ٿيندڙ آسيان ريجنل فورم جي 30 هين وزارتي اجلاس ۾ پاڪستاني وفد جي قيادت ڪندو
مضمون کا ماخذ : prêmios raspadinha