لاهور -16 جو??اء?? (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي، ته اسان کي ملڪي معيشت کي مستحڪم ڪرڻ ??اء?? جرئتمنداڻه فيصلا ڪرڻا پوندا، انقلابي قدمن سان ئي پاڪستان ۾ معاشي ترقي ممڪن ٿي سگهندي، اڳوڻي ??ور ۾ ماڻهو پنهنجون ٽيجوڙيون ڀري رهيا هئا، احتساب جي نالي تي مخالف ڌر ۽ سرڪاري آفيسرن کان بدترين انتقام ورتو ويو، عوام محمد نواز شريف ۽ ان جي ٽيم کي موقعو ڏنو ته ملڪ جي تقدير بدلائي ڇڏينداسين. اهڙو اظهار هن گورنر هائوس پنجاب ۾ يوٿ بزنس اينڊ ايگريڪلچر لون اسڪيم تحت نوجوانن ۾ چيڪ ورهائڻ واري تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. ان موقعي تي پنجاب جو گورنر محمد بليغ الرحمان، نوجوانن بابت وزيراعظم جي اسپيشل اسسٽنٽ شيزا فاطمه ۽ ٻيا پڻ موجود هئا، محمد شهباز شريف چيو ته پيٽرول جي قيمتن ۾ گهٽتائي جو اعلان رپئي جو قدر ڊالر جي ڀيٽ ۾ وڌڻ سبب عوام کي رليف ڏيڻ ??اء?? ڪيو ويو، هاڻوڪي عالمي مارڪيٽ ۾ ڪچي تيل جون قيمتون وڌي رهيون آهن. هن چيو ته آءِ ايم ايف جي پروگرام جو هي مثبت پاسو آهي ته رپيو مستحڪم ٿي رهيو آهي، جيڪڏهن هي پروگرام نه هجي ها ته بنا خوف ترديد جي اهو چئي سگهان ٿو ته رپيو ڪٿي هجي ها ۽ ملڪي معاشي صورتحال تلاطم جو شڪار ٿي وڃي ها، وزيراعظم چيو جيڪي ماڻهو ملڪ خلاف سازشن ۾ ملوث هئا، الله تعاليٰ انهن جي سازشن کي دفن ڪري ڇڏيو ۽ سازشن جون ڪڙيون سمنڊ پار آهن، ڪجهه ڏينهن اڳ اسرائيل جو هڪ بيان سامهون آيو هو ته الله تعاليٰ سمورن سازشن کي نيست و نابود ڪري ڇڏيو. هن چيو ته آءِ ايم ايف جو پروگرام اهو حلوو لڏو يا پيڙا ناهن ان ??اء?? اسان کي استقامت سان ملڪي معيشت کي مستحڪم ڪرڻ ??اء?? جرئتمنداڻه فيصلا ڪرڻا پوندا. انقلابي قدمن سان ئي پاڪستان ۾ معاشي ترقي ممڪن ٿي سگهندي. هن چيو ته ان ??اء?? اسان کي مسلسل محنت ڪرڻ جو فيصلو ڪرڻو پوندو ۽ هن فيصلي جي سڀ کان وڏي ذميواري حڪومت، اشرافيه، سياستدانن ۽ سرڪاري آفيسن تي آهي، سڀني ٻڌي ڪري ورتي ته ڪو به اسان جي ترقي جو رستو نه روڪي سگهندو. وزيراعظم چيو ته 2018ع ۾ محمد نواز شريف جي دور ۾ بيشمار فلاحي پروگرام شروع ڪيا ويا، صرف پنجاب ۾ بولان ۽ راوي گاڏيون ميرٽ تي ڏنيون ويون، 99 سيڪڙو قرض بئنڪن کي واپس ڪيا ويا، هن چيو ته پي ٽي آءِ جي دور ۾ صرف ڳالهين کان ڪم ورتو ويو، عملي ڪم محمد نواز شريف جي اڳواڻي ۾ ٿيو. هن چيو ته محمد نواز شريف کي اقتدار مان انهي ??اء?? ڌار ڪيو ويو ته انهي جي دور ۾ 20- 20 ڪلاڪن جي لوڊ شيڊنگ ختم ٿي وئي، نوجوانن کي ڪلاشنڪوف ۽ ڪوڪين بدران ليپ ٽاپ ۽ قرض مليا. هن چيو ته محمد نواز شريف کي انهي ??اء?? هٽايو ويو ته هن سي پيڪ جهڙو اهم منصوبو ڏنو. 2015ع ۾ بجلي جي منصوبن جو ڄار وڇايو ويو، اورينج لائين ٺاهي وئي، جڏهن ته عمران خان پنهنجي دور ۾ رڙيون ڪندو رهيو ته شهباز شريف کي جيل ۾ وجهو هن چيو ته مان محمد نواز شريف جو ادنيٰ خادم آهيان، نواز شريف کي ڏينهن رات احتساب عدالتن ۾ گهرايو ويندو رهيو ۽ هو پيش ٿيندو رهيو، جڏهن ته عمران خان کي ضمانتون ملي وڃن ٿيون. هن چيو ته پاڪستان اسان سڀني جو آهي، عمران خان جي سوچ اها هئي ته مان جيڪڏهن وزيراعظم آهيان ته ٺيڪ جيڪڏهن نه ته ملڪ بيشڪ برباد ٿي وڃي. هن چيو ته محمد نواز شريف کان اقتدار ڦري ان کي پرڏيهه ۾ رهڻ تي مجبور ڪيو ويو، جنهن شخص کي فراڊ سان گڏوگڏ اقتدار ۾ آندو ويو ان چئن سالن تائين چور ۽ ڌاڙيلن جي رٽ لڳائيندو رهيو، ڪنهن منصوبي تي هڪ سر به نه لڳائي، انهي دور ۾ ڇا ڇا اسڪينڊل نه ٿيا، وزيراعظم هائوس جي هڪ ملازم ٻڌايو ته عمران خان ڏينهن ۾ 6-6 ڀيرا چوندو هو ته شهباز شريف کي اندر ڇو نه ٿا وجهو. ان کي ته مون کي جيل ۾ وجهڻ جي ماليخوليا ٿي وئي هئي. وزيراعظم چيو ته اسان پاڪستان خلاف سازشون ڪرڻ ته پري جي ڳالهه ان جي باري ۾ ڪڏهن سوچيو به نه. هن چيو ته عوام چونڊن ۾ عمران نيازي ۽ اسان جي دور جو ڪم ڏسي حقيقتن تي ٻڌل فيصلو ڪري، عمران نيا??ي دور ۾ کنڊ، ڪڻڪ، پشاور بي آر ٽي،مالم جبه ۾ اربين رپين جا اسڪينڊل ٿيا، جڏهن ??ه خانه ??عبه جي تصوير واري گهڙي جي وڪري ۽ 190 ملين پائونڊن جو اسڪينڊل به سامهون آيو. هن چيو ته عوام چونڊن ۾ حقيقتن کي نظر ۾ رکي فيصلو ڪري، اسان نتيجن کي دل و جان سان قبول ڪنداسين، هن چيو ته جيڪڏهن محمد نواز شريف کي موقعو مليو ته آئون عاجزي ۽ دردمندي سان واعدو ڪيان ٿو ته پاڪستان جو نقشو بدلائي ڇڏينداسين ۽ ان کي خوشحالي طرف وٺي وينداسين. وزيراعظم چيو ته هن پنهنجي دور ۾ نوجوانن کي 10 لک ليپ ٽاپ ڏنا جن جي ماليت اربين رپيا بڻجي ٿي، انهن ليپ ٽاپن ذريعي ڪووڊ جي زماني ۾ شاگردن جي تعليم جو سلسلو جاري رهيو، هي اهي ليپ ٽاپ آهن جنهن سان آءِ ٽي جي شعبي ۾ انقلاب برپا ٿيو. ليپ ٽاپ جو هڪ ئي معيار آهي اهو صرف ميرٽ ۽ محنت آهي. هن چيو ته لکين ليپ ٽاپ ميرٽ تي پنجاب ۽ وفاق ۾ ڏنا ويا، جنهن سان تعليم جي روشني جون شعائون اٿي رهيون آهن. هن چيو ته عمران خان چوندو هو ته قرض وٺندڙن جي فهرست بڻائي رهيو آهي، جنهن تي ڪميشن بڻائڻ جو چوندو هو. وزيراعظم سوال ڪيو ته ڪٿي آهي اها لسٽ؟ ذهنن کي بدلڻ ۽ سازشون ڪرڻ ان کان وڏي ملڪي دشمني ڪا به ٻي نٿي ٿي سگهي، وزيراعظم چيو ته عمران دور ۾ 3 ارب ڊالرن جا انتهائي سستا قرض وڏن خاندانن کي ڏنا ويا جيڪي ڊالر جي قيمت سان ضرب ڏيون ته اهي 800 ارب کان وڌيڪ بڻجن ٿا ۽ اهي قرض 4 سيڪڙو وياج تي ڏنا ويا، هن سوال ڪيو ته اهي قرض نوجوانن کي ڇو نه ??نا ويا؟ ان سان ڪاروبار ڇو نه ??رايو ويو؟ هن چيو ته وڏا ماڻهو ته 4 سيڪڙو تي قرض وٺي هن کي 10 سيڪڙو تي مارڪيٽ ۾ ڏئي پنهنجي کيسي ۾ وجهن ٿا. ڪاش عمران خان جي دور ۾ 2 ارب رپين جا قرض قوم جي ٻارن کي ملي وڃن ها ته هو ملڪي معيشت ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهن ها. وزيراعظم چيو ته اڳوڻي ??ور ۾ ماڻهو پنهنجون ٽجوڙيون ڀريندا رهيا اهو سڀ ڪجهه قوم پنهنجي اکين سان ڏٺو ۽ ڪنن سان ٻڌو پر هاڻي ??هو وقت ماضي ۾ هليو ويو. هن چيو ته مان 72 سالن جو ٿيڻ وارو آهيان ۽ محمد نواز شريف 74 سالن جو آهي، هو منهنجو ليڊر ۽ منهنجي پيءُ جي جاءِ تي آهي اسان 40 سالن ۾ وطن خاطر ڪيترائي ڀيرا جيل ڪٽيا، هٿڪڙيون لڳيون، غريب الوطني برداشت ڪئي، قوم سان واعدو ڪيان ٿو ته کين مايوس نه ??نداسين. هن چيو ته ڇا اهڙي طرح قوم بڻجن ٿيون، پي ٽي آءِ دور ۾ بي آر ٽي جو اسٽي آرڊر ڇو ورتو ويو، مالم جبه کي ڪلين چٽ ڪيئن ڏني وئي، عمران خان جي ڀيڻ لنڊن، آمريڪا ۽ دبئي جي گهرن کي ڪيئن ڪليئر قرار ڏنو ويو جڏهن ته ان جي پنهنجي گهر واري ملندڙ قيمتي تحفن مان ڪيئن ڪلين چٽ ڏني وئي. هن چيو ته اهو احتساب ناهي بلڪه احتساب جي نالي تي اپوزيشن ۽ سرڪاري آفيسرن کان بدترين انتقام ورتو ويو. وزيراعظم احد چيمه جي باري ۾ چيو ته هن کي 3 سال جيل ۾ رکيو ويو. هن جو قصور اهو هو ته هن 30 ارب رپين مان 11 مهينن جي مختصر مدي ۾ ميٽرو بس سروس بڻائي جڏهن ته مخالفن هن منصوبي کي 70 ارب رپين ۾ مڪمل ڪرڻ جو الزام لڳايو هو پر ان منصوبي تي 30 ارب رپين جي مهر لڳي چڪي آهي. پوءِ ان منصوبي جي باري ۾ چيو ويو ته اتفاق فائونڊري جو لوهه استعمال ٿيو آهي، پر حقيقت اها آهي ته اتفاق فائونڊري 15 سالن کان بند هئي، اتفاق فائونڊري کي وڪرو ڪري بئنڪن جي پائي پائي ادا ڪئي، وزيراعظم چيو ته پي ٽي آءِ چيئرمين ۽ هٽلر ۾ ڪو به فرق ناهي، هٽلر جرمني کي پنهنجي هٿن سان بڻايو، صنعت کي بي پناهه ترقي ڏني، جرمني جون تيار ڪيل گاڏيون پوري دنيا ۾ مشهور آهن پر هٽلر سڀ ڪجهه پنهنجي هٿن سان تباهه ڪيو. هن چيو ته عمران خان به اهو ئي ڪيو، ڪنهن منصوبي تي هڪ سر به نه لڳائي پر سر سان سر وڄائي ڇڏي هئي، تقريب جي پڄاڻي ??ي وزيراعظم پاڪستان ۽ قائداعظم جا نعرا لڳايا. ان کان اڳ پنجاب جي گورنر بليغ الرحمان چيو هو ته نوجوان ملڪ جو قيمتي اثاثو آهن، بدقسمتي سان اڳوڻي ??ور ۾ نفرت جو ماحول پيدا ڪيو ويو. هن چيو ته انگن اکرن جو جائزو وٺون ته محمد نواز شريف ۽ محمد شهباز شريف جي دور ۾ عوامي فلاح جا بي شمار ڪم ٿيا.
معيشت کي مستحڪم ڪرڻ لاءِ جرئتمنداڻا فيصلا ڪرڻا پوندا، انقلابي قدمن سان ئي پاڪستان ۾ معاشي ترقي ممڪن ٿي سگهندي، عوام نواز شريف ۽ ان جي ٽيم کي موقعو ڏنو ته ملڪ جي تقدير بدلائي ڇڏينداسين: وزيراعظم محمد شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : فائر جوکر