اسلام آباد – 17 – جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف آءِ ايم ايف سان معاهدي جي سلسلي ۾ پاڪستان جي حمايت ۽ مدد ڪرڻ تي سريل??ڪا جي صد?? جا ٿورا مڃيندي اميد ظاهر ??ئي آهي ته پاڪستان ۽ سريل??ڪا موجوده معاشي مشڪلاتن جي ڀنور مان جلد نڪري ايندا. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف سريل??ڪا جي صد?? رانيل وڪرما سنگهي سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي. وزيراعظم شهباز شريف آءِ ايم ايف سان معاهدي جي سلسلي ۾ پاڪستان جي حمايت ۽ مدد ڪرڻ تي سريل??ڪا جي صد?? جا ٿورا مڃيا. وزيراعظم چيو ته توهان پاڪستان جي دوست ۽ خيرخواهه جو ڪردار ادا ڪيو، پاڪستان جي عوام پاران توهان جا ٿورا مڃان ٿو. هن چيو ته پاڪستان ۽ سريل??ڪا ويجها بااعتماد دوست آهن، علائقائي ترقي ۽ امن جي لاءِ سريل??ڪا جي ڪردار کي خراج تحسين پيش ڪريون ٿا. هن چيو ته اميد آهي ته پاڪستان ۽ سريل??ڪا موجوده معاشي مشڪلاتن جي ڀنور مان جلد نڪري ايندا. سريل??ڪا جي صد?? رانيل وڪرما سنگهي وزيراعظم پاران نيڪ خواهشن جي اظهار تي ٿورا مڃيا ۽ جوابي خيرسگالي جي جذبن جو اظهار ڪيو. هن چيو ته پاڪستان اسان جو ويجهو دوست آهي، دوستن جي مدد ڪرڻ ئي دوستي آهي. سريل??ڪا جي صد?? وزيراعظم شهباز شريف جي مشڪل حالتن ۾ ڪوششن کي ساراهيو. سريل??ڪا جي صد?? آءِ ايم ايف معاهدو ??ئي ٿيڻ تي وزيراعظم کي مبارڪباد ڏني. واضح رهي ته وزيراعظم شهباز شريف جي آءِ ايم ايف جي مئنيجنگ ڊائريڪٽڙ ڪرسٽلينا جارجيوا سان ملاقات جي موقعي تي سريل??ڪا جي صد?? زور ڏنو هو ته آءِ ايم ايف پاڪستان جي مدد ڪري. سريل??ڪا جي صد?? ايم ڊي آءِ ايم ايف کي چيو هو ته ڪنگال ٿيڻ جي ڪري سريل??ڪا کي سخت مشڪلاتن جو شڪار ٿيڻو پيو، پاڪستان کي ان صورتحال کان بچايو وڃي.
وزيراعظم آءِ ايم ايف سان معاهدي جي سلسلي ۾ پاڪستان جي حمايت ۽ مدد ڪرڻ تي سريلنڪا جي صدر جا ٿورا مڃيا
مضمون کا ماخذ : ہیوگو 2