اسلام آباد – 31 – جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سان چين جي ??در شي جن پنگ جي ??صوصي نمائندي، چين جي نائب وزيراعظم ۽ ڪميونسٽ پارٽي آف چائنا جي ??ينٽرل ڪميٽي جي پولٽ بيورو جي ميمبر هي لي فينگ ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ پاڪستان ۽ چين جي لا??اپن جي ڪيترن ئي رخن، بشمول پاڪ چين اقتصادي لنگهه (سي پيڪ) ۽ ٻطرفي اقتصادي ۽ مالياتي تعاون تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي و??ي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف چين جي نائب وزيراعظم هي لي فينگ جو وزيراعظم هائوس پهچڻ تي گرمجوشي سان استقبال ڪيو. وزيراعظم هي لي فينگ کي مارچ ۾ چين جي نائب وزيراعظم جي ??هدي تي مقرر ٿيڻ تي مبارڪباد ڏني. وزيراعظم چيو ته چين پاڪستان ۾ 2022ع جي ??باهي آڻيندڙ ٻوڏ ۽ پاڪستان کي درپيش موجوده معاشي چئلينجز خاص طور تي آءِ ايم ايف سان معاهدي کي حتمي شڪل ڏيڻ جهڙن مشڪل وقتن ۾ پاڪستان سان گڏ بيٺل رهيو. چين جي نائب وزيراعظم هي لي فينگ پاڪستان ۽ چين جي ??سٽريٽجڪ حصيداري ۽ دوستي ۽ ڀائيچاري تي ٻڌل لا??اپن کي اجاگر ڪيو ۽ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ حصيداري ۾ توسيع تي زور ڏنو. هن پاڪستان جي معاشي ۽ ا??تصادي ترقي ۽ خوشحالي ۾ چين جي مستقل تعاون جي ??اطري ڪرائي. ملاقات ۾ ٻنهي ملڪن جي ??ڳواڻن پاڪ چين اقتصادي لنگهه منصوبي جي پاڪستان ۽ چين جي گڏيل معاشي ۽ ا??تصادي ترقي ۾ مرڪزيت تي زور ڏنو. وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته پاڪ چين اقتصادي لنگهه منصوبي جي 10 سالا سالگرهه ان منصوبي کي نئين سر توسيع ڏيڻ جو هڪ سنهري موقعو آهي. ملاقات ۾ وزيراعظم محمد شهباز شريف چين کي زرعي روانگي و??پار وڌائڻ ۾ پاڪستان جي ??لچسپي کان آگاهه ڪيو. ان موقعي تي پاڪستان ۽ چين جي وچ ۾ زرعي، صنعتي ۽ مواصلاتي سميت ٻين شعبن ۾ مفاهمتي ياداشتن تي صحيحون ڪيون ويون. ٻنهي اڳواڻن علائقائي مسئلن ۽ پنهنجي قومي مفادن جي ??حفظ تي هڪ ٻئي جي ??مايت جي ??زم جو اظهار ڪيو. ٻئي طرف وزيراعظم محمد شهباز شريف چيني نائب وزيراعظم هي لي فينگ جي مان ۾ مانجهاندي جو پڻ اهتمام ڪيو. چيني وفد ۾ چيني اسٽيٽ ڪائونسل جو ڊپٽي سيڪريٽري جنرل گووي، چيني نائب پرڏيهي و??ير سن وي ڊونگ، نائب چيئرمين نيشنل ڊيولپمينٽ اينڊ ريفارم ڪميشن ڪونگ ليانگ، پيپلز بئنڪ آف چائنا جي ڊپٽي گورنر زوان چينگنينگ ۽ وانگ ڪيبنگ، چيني و??پار واري و??ارت جي ??يشيائي معاملن واري شعبي جي ڊائريڪٽر جنرل وانگ ليپنگ، پاڪستان ۾ چين جي ??فارتخاني جي چارج ڊي افيئرز پانگ چنشوئي ۽ ٻيا اعليٰ چيني آفيسر شامل هئا. پاڪستاني وفد ۾ پرڏيهي و??ير بلاول ڀٽو زرداري، واپار وارو وفاقي و??ير سيد نويد قمر، ناڻي و??رو وفاقي و??ير محمد اسحاق ڊار، وفاقي گهرو وزير راڻا ثناءُ الله، اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي و??ير مريم اورنگزيب، منصوبابندي و??رو وفاقي و??ير احسن اقبال، ريلوي ۽ هوابازي و??رو وفاقي و??ير خواجه سعد رفيق، پرڏيهي معاملن واري مملڪتي و??ير حنا رباني کر، وزيراعظم جو خاص معاون طارق فاطمي ۽ مختلف وزارتن مان ٻيا اعليٰ آفيسر شامل هئا.
وزيراعظم سان چين جي نائب وزيراعظم ۽ ڪميونسٽ پارٽي آف چائنا جي سينٽرل ڪميٽي جي پولٽ بيورو جي ميمبر هي لي فينگ جي ملاقات، پاڪستان ۽ چين جي لاڳاپن جي ڪيترن ئي رخن، سي پيڪ ۽ ٻطرفي اقتصادي ۽ مالياتي تعاون تي خيالن جي ڏي وٺ
مضمون کا ماخذ : میگا ملینز کا انعام