اسلام آباد – 07 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته گوجرانوالا بورڊ ۾ ميٽرڪ جي امتحان ۾ پهرين پوزيشن حاصل ڪندڙ جمشيد علي جهڙا روشن ستارا اسان جي قوم جو فخر ۽ نوجوان نس?? جي لاءِ رول ماڊل آهن. هڪ ??وئ??ٽ ۾ وزيراعظم چيو ته گوجرانوالا بورڊ ۾ ميٽرڪ جي امتحان ۾ پهرين پوزيشن حاصل ڪندڙ هوشيار شاگرد جمشيد علي سان ملي انتهائي خوشي ٿي، ان جي ڪاميابي ۾ جيستائين ان جي پنهنجي محنت ۽ لڳاءُ شامل آهي اتي ان جي والدين ۽ استادن جي به ايتري ئي محنت آهي. وزيراعظم چيو ته مون جمشيد علي جي مثالي ڪارڪردگي تي ان جي حوصلا افزائي جي لاءِ 10 لک رپين جو انعام ڏنو، ماسٽرز تائين تعليم جا خرچ حڪومت پاران برداشت ڪرڻ، ماهوار 30 هزار رپين جي وظيفي سان گڏوگڏ ان کان اهو وچن پڻ ورتو آهي ته هو اڳتي به ائين ئي شاندار ڪارڪردگي ڏيکاريندو، جمشيد علي جهڙا روشن ستارا اسان جي قوم جي فخر سان گڏوگڏ نوجوان نس?? جي لاءِ رول ماڊل آهن. وزيراعظم ??وئ??ٽ سان گڏ جمشيد علي سان پنهنجي ملاقات جون تصويرون پڻ شيئر ڪيون آهن.
جمشيد علي جهڙا روشن ستارا اسان جي قوم جو فخر ۽ نوجوان نسل جي لاءِ رول ماڊل آهن: وزيراعظم محمد شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : نتیجہ یہ ہے کہ