لاهور – 06 – سيپٽمبر (اي پي پي) خاتون اول بيگم ثمينه علوي چيو آهي ته ڇاتيءَ جو ڪينسر قابل علاج مرض آهي، ڇاتيءَ جي ڪينسر جو شروعات کان ئي علاج ممڪن آهي، ??گاهي ۽ شعور کي فروغ ڏئي ان مرض تي ضابطو آڻي سگهجي ٿو، صحتمند عورت خوشحال پاڪستان جي ضمانت آهي، پاڪستان بيت المال ۽ هيلٿ ڪارڊ جي ذريعي مستحق مريضن کي علاج جون سهولتون فراهم ڪيون پيون وڃن جڏهن ??ه ان مرض تي ضابطو آڻڻ جي لاءِ آگاهي مهم تمام ضروري آهي. هوءَ يونيورسٽي آف لاهور ۽ ورلڊ هيلٿ آرگنائيزيشن جي اهتمام هيٺ ڇاتيءَ جي ڪينسر ۽ ذهني صحت جي عنوان سان منعقد سيمينار کي خاص مهمان طور خطاب ڪري رهي هئي. ان موقعي تي ڊبليو ايڇ او جي نمائنده ڊاڪٽر مريم، ريڪٽر يونيورسٽي آف لاهور اويس رئوف، فيڪلٽي ميمبرن سميت ميڊيڪل شعبي جي شاگردن ۽ شاگردياڻين جو وڏو انگ موجود هو. خاتون اول چيو ته ڇاتيءَ جي ڪينسر تي ڳالهه ڪرڻ ڪا شرم جي ڳالهه نه آهي، ??ورتن کي پاڻ پنهنجي ڇاتيءَ جو معائنو ڪرڻ گهرجي ۽ ڪنهن ??ه غيرمعمولي تبديلي جي صورت ۾ ڊاڪٽر سان رجوع ڪرڻ گهرجي، ??ورتون ڪل آبادي جو 52 سيڪڙو آهن ??نهن کي نظرانداز نه ٿو ڪري سگهجي. هن چيو ته ٽي وي، ??يڊيو، ڊرامن ۽ اخبارن ۾ ڇاتيءَ جي ڪينسر، ذهني صحت بابت پيغام نشر ڪرڻ گهرجن. هن ??ڌيڪ چيو ته معذور ماڻهن ??ي لاءِ ڪوٽا مخصوص ڪرڻ گهرجي، ??نهن کي پرائيويٽ سيڪٽر ۾ به ڪوٽا سسٽم تحت نوڪريون ڏيڻ گهرجن، ان حوالي سان اسان چيمبر آف ڪامرس لاهور سان ڳالهه ٻولهه ڪئي آهي، پبلڪ جاين تي انهن ??ي لاءِ ريمپس هجڻ گهرجن. بيگم ثمينه علوي چيو ته بريسٽ ڪينسر جي حوالي سان آگاهي پيدا ڪرڻ جي سخت ضرورت آهي ڪنهن ??ه مرض کي ختم ته نه ٿو ڪري سگهجي پر ان جي روڪٿام احتياط سان ممڪن آهي، ??سان 5 سال ڇاتيءَ جي ڪينسر جي حوالي سان آگاهي پيدا ڪئي جنهنجي ڪري اڄ ڪيترين ئي اسپتالن ۾ رپورٽ ٿيندڙ ڇاتيءَ جي ڪينسر جي ڪيسز جي اسٽيج پهرين يا ٻي هوندي اهي جيڪو قابل علاج آهي. اسٽيج ٿري يا فور تي ڪينسر جي تشخيص وڌيڪ فائديمند ناهي هوندي ڇو ته ان اسٽيجز تي مريض جي زندگي خطري ۾ پئجي وڃي ٿي. خاتون اول چيو ته اهو علاج پاڪستان سميت سڄي دنيا ۾ مهانگو آهي، ڇاتيءَ جي ڪينسر ۽ ذهنيءَ صحت جي مريضن کي ترس کائي همدرديءَ نه پر عزت ڏيڻ گهرجي. هن چيو ته هو گذريل چار پنج سالن کان ڊبليو ايڇ او، سول سوسائٽي، ??وڪت خانم ڪينسر اسپتال ۽ اين جي اوز سان گڏجي ڪم ڪري رهي آهي جنهن ??ا ڏورس نتيجا نڪتا آهن ??ڏهن ??ه اسان کي ان تي وڌيڪ ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته کيس هتي اچي تمام گهڻي خوشي ٿي آهي ته لاهور يونيورسٽي ڇاتيءَ جي ڪينسر ۽ ذهنيءَ صحت تي ڪم ڪري رهي آهي. هن چيو ته هن ??قت آبادي جي مقابلي ۾ تربيت يافته نفسيات جي ماهر ڊاڪٽرن جي کوٽ درپيش آهي، ??ريسٽ ڪينسر تي جيتري آگاهي فراهم ڪئي ويندي ايترو ئي ان مرض تي ضابطو آڻڻ ۾ مدد ملندي. بيگم ثمينه علوي چيو ته ڇاتيءَ جي ڪينسر جي روڪٿام جي لاءِ هر زبان ۾ پيغام ڏيڻ گهرجي. خاتون اول چيو ته خصوصي ماڻهن ??ي لاءِ سرڪاري ۽ پرائيويٽ ادارن ۾ اسڪلز جي بنياد تي نوڪري جي ڪوٽا مخصوص هجڻ گهرجي. هن ??ڌيڪ چيو ته اهڙن ماڻهن ??ي لاءِ ڪم ڪرڻ وارين جاين تي دوستاڻو ماحول هجڻ گهرجي ته جيئن اهڙن ماڻهن کي ڪنهن ڏکيائي کي منهن ??ه ڏيڻو پوي.
ڇاتيءَ جو ڪينسر قابل علاج مرض آهي: خاتون اول بيگم ثمينه علوي
مضمون کا ماخذ : کمپیوٹر لاٹری کے اعدادوشمار