اسلام آبا?? – 27 – نومبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي سان نائجيريا ۾ پاڪ??تا?? جي نامزد هاءِ ڪمشنر ميجر جنرل (ر) سهيل احمد خان ملاقات ڪئي. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب ٿيندڙ ملاقات ۾ صدر ڊاڪٽر عارف علوي نائجيريا سان واپاري ۽ ثقافتي لاڳاپا وڌائڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو ته نائجيريا سان واپاري، اقتصادي ۽ ثقافتي تعاون وڌيڪ بهتر بڻائڻ جي ضرورت آهي. ٻنهي ملڪن جي گڏيل فائدي جي لاءِ ٻطرفي واپاري ڪاٿي کي وڌائڻو پوندو، نائجيريا آفريقا جي سڀ کان وڏي معيشت آهي. ??ن چيو ته پاڪ??تا?? کي نائجيريا سان واپاري ۽ اقتصادي لاڳاپا بهتر بڻائڻ جا موقعا ڳولڻ گهرجن. اقتصادي سفارتڪاري پاڪ??تا?? جي پرڏيهي پاليسي جو مرڪزي حصو آهي. نامزد هاءِ ڪمشنر ثقافتي ۽ عوامي رابطن کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ ڪم ڪري. صدر ڊاڪٽر عارف علوي ميجر جنرل (ر) سهيل احمد خان کي نائجيريا ۾ مقرري تي کيس مبارڪباد ڏني.
صدر سان نائجيريا ۾ پاڪستان جي نامزد هاءِ ڪمشنر ميجر جنرل (ر) سهيل احمد خان جي ملاقات
مضمون کا ماخذ : میگا سینا پریمیو