اسلام آباد – 06 – نومبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ هدايت ڪئي آهي ته سک ياترين کي پنهنجي مذ??بي رسمن جي ادائيگي ۽ مقدس جاين جي ز??ارت دوران هر قسم جُون سه??لتُون فراهم ڪيُون وڃن. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب هن اها هدايت سک ياترين کي پاڪستان پاران فراهم ڪئي ويندڙ ويزا سه??لتن جي جائزه اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ نگران وزيراعظم کي سڄي سال ۾ منعقد ٿيندڙ سکن جي مختلف ڏڻن، سک ياترين جي ويزائن ۽ انهن کي فراهم ڪئي ويندڙ سه??لتن تي تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. نگران وزيراعظم چيو ته پنهنجي مذ??ب جي مقدس جاين جي ز??ارت ڪرڻ جي لاءِ سڄي دنيا مان آيل سک ياتري اسان جا مهمان آهن. هن هدايت ڪئي ته سک ياترين کي پنهنجي مذ??بي رسمن جي ادائيگي ۽ مقدس جاين جي ز??ارت دوران هر قسم جي سه??لت فراهم ڪئي وڃي. هن چيو ته سک ياترين کي ويزا جي فراهمي جي عمل کي وڌيڪ تيز ۽ شفاف بڻايو وڃي، ڪرتاپور ۾ سک ياترين کي عالمي معيار جي سه??لتن جي فراهمي يقيني بڻائي وڃي. اجلاس کي گهرو وزارت پاران سک ياترين کي ميسر ويزا سه??لتن، ويزا حاصل ڪرڻ ۾ گهربل مدي، ڪرتارپور لنگهه جي انتظامي معاملن ۽ سکن جي ??ال??ان?? ڏڻن تي تفصيلي بريف ڪيو ويو. نگران وزيراعظم ڪرتاپور لنگهه جي ذريعي ۽ ٻين ملڪن مان زيارت جي لاءِ آيل سک ياترين کي وڌيڪ ۽ بهتر سه??لتن جي فراهمي جي لاءِ هڪ ٺوس حڪمت عملي جوڙي پيش ڪرڻ جي پڻ هدايت ڪئي.
نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ پاران سک ياترين کي پنهنجي مذهبي رسمن جي ادائيگي ۽ مقدس جاين جي زيارت دوران هر قسم جُون سهولتُون فراهم ڪرڻ جي هدايت
مضمون کا ماخذ : ڈریگن اسپن