اسلام آباد – 25 – ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي مسيحي برادري کي ڪرسمس جي مبارڪباد ڏيندي چيو آهي ته پاڪستان جو آئين اقلي??ن جي حقن جي تحفظ جو ضامن آهي، قائداعظم محمد علي جناح 11 آگسٽ 1947ع تي آئين ساز اسيمبلي کي خطاب ۾ واضح ڪري ڇڏيو هو ته پاڪستان جي رياست ۾ اقلي??ن جي حقن کي مڪمل تحفظ حاص?? هوندو. ڪرسمس جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير چ??و ته پاڪستان ۾ مسيحي برادري سميت سمورين اقليتن کي مڪمل مذهبي آزادي حاصل آهي. هن چيو ته پاڪستان جي ترقي ۽ خوشحالي ۾ مسيحي برادري جو اهم ڪردار آهي، مسيحي برادري جي ڪرسمس جي خوشين ۾ برابر جا شريڪ آهيون. هن چيو ته اسان سڀ پاڪستاني آهيون، پنهنجي ملڪ پاڪستان جي ترقي ۽ خوشحالي جي لاءِ متحد آهيون.
مضمون کا ماخذ : لوٹیریا کے اعدادوشمار