اسلام آباد – 28 – مئي (اي پي پي) اطلاعات، نشريات، قومي ورثي ۽ ثقافت واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ تڪبير ڏهاڙي جي 26 هين سالگرهه تي قوم کي مبارڪباد ڏيندي چيو آهي ته تڪبير ڏهاڙو تاريخ جو سنهري ۽ يادگار ڏينهن آهي، ان ڏينهن پاڪستان اعلان ڪيو ته ان کي ڪير به غلام نه ٿو بڻائي سگهي، 28 مئي جي موقعي تي 9 مئي وارن هڪ نئين سازش ڪئي، هي 1971ع جي ??اريخ کي مسخ ڪري ملڪ جي ??الميت تي حملو ڪرڻ تي لهي آ??ا آهن، انهن جي ??ازش ڪڏهن به ڪامياب نه ٿيندي. تڪبير ڏهاڙي جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته 26 سال اڳ پاڪستان مسلمان دنيا جي پهرين جڏهن ته دنيا جي ??تين ائٽمي طاقت بڻجڻ جو اعزاز حاصل ڪ??و، ان ڏينهن پاڪستان جو دفاع فتح نه ٿيڻ جوڳو ٿي ويو، تڪبير ڏهاڙو تاريخ جو سنهري ۽ يادگار ڏينهن آهي، ان ڏينهن پاڪستان اعلان ڪيو ته ان کي ڪير به غلام نه ٿو بڻائي سگهي. هن چيو ته مسلم ليگ (ن) جي قائد نواز شريف دنيا تي ثابت ڪيو ته اسان کي نه خريد ڪري سگهجي ٿو، نه جهُڪائي سگهجي ٿو. وفاقي وزير چيو ته ائٽمي پروگرام کي ٺاهڻ، پروان چاڙهڻ ۽ ان جو عملي اظهار ڪرڻ وارو هر شخص قوم جو هيرو آهي جنهن کي سلام پيش ڪريون ٿا. هن چيو ته اڄ جي ڏينهن اسان پنهنجي ??ن وچن کي ورجايون ٿا ته پاڪستان جي ??زادي، خودمختياري ۽ قومي مفادن تي ڪو ٺاهه نه ٿيندو. اڄ جي ڏينهن اسان ائٽمي پروگرام جي معمار مرحوم ڊاڪٽر عبدالقدير خان، سندس ٽيم ۽ سمورن سائنسدانن کي سلام پيش ڪريون ٿا. هن چيو ته 28 مئي جي موقعي تي 9 مئي وارن هڪ نئين سازش ڪئي آ??ي جيڪا ڪامياب نه ٿيندي، هي 1971ع جي ??اريخ کي مسخ ڪري ملڪ جي ??الميت تي حملو ڪرڻ تي لهي آ??ا آهن. اقتدار کان دوري انهن جا هوش اڏائي ڇڏيا آهن جو ملڪ کي نقصان پهچائڻ جون ڳالهيون ڪري رهيا آهن. هن چيو ته انشاءَ الله فتح پاڪستان ۽ 28 مئي وارن جي ٿيندي.
تڪبير ڏهاڙو تاريخ جو سنهري ۽ يادگار ڏينهن آهي، ان ڏينهن پاڪستان اعلان ڪيو ته ان کي ڪير به غلام نه ٿو بڻائي سگهي: عطاءُ الله تارڙ
مضمون کا ماخذ : لاٹری کا ٹکٹ کیسے خریدیں