اسلام آباد – 13 جولاءِ (اي پي پي) صدر مملڪت آصف علي زرداري چيو آهي ته چين جي گلوبل ڊولپمينٽ انيشيٽو جي ذريعي جٽادار ترقي ۽ گڏيل خوشحالي کي يقيني بنائڻ جي لاءِ اوڀر وارين قومن جي گڏيل ڪوششن جي ضرورت آهي. گلوبل ڊولپمينٽ انيشيٽو ۾ گڏيل ترقي کي هٿي ڏئي دنيا جو مستقبل جوڙڻ جي وڏي صلاحيت آهي. ايوان صدر جي ميڊيا ونگ طرفان جاري ??ڌرائي موجب اهڙو اظهار هن بيجنگ ۾ چائنا انٽرنيشنل ڊولپمينٽ ڪوآپريشن ايجنسي جي انتظام هيٺ گڏيل ترقي بابت عالمي ايڪشن واري ??ورم جي ٻئين اعليٰ سطحي اجلاس کي ورچوئل خطاب دوران ڪيو. صدر مملڪت چي?? ته اسرندڙ ملڪ عالمي ترقي واري عمل ۾ اڳواڻي وارو ڪردار ادا ڪن، پائيدار ترقي ۽ صحت جهڙن عالمي چئلينجن کي ??وڀر واري ??قطه نظر سان ڏسڻ جي ضرورت آهي. صدر مملڪت چي?? ته گهڻي ڀا??ي عالمي آبادي اوڀر وارن ملڪن خاص ڪري چين، پاڪستان ۽ ٻين پاڙيسري ??لڪن ۾ رهي ٿي. هن وڌيڪ چي?? ته پاڪستان، صدر شي جن پنگ ۽ چين طرفان اوڀر وارن ملڪن ۽ سڄي دنيا جي اڳواڻي ۾ 21 هين صدي ۾ اڳتي وڌڻ جو خواهشمند آهي. چين جي گلوبل ڊولپمينٽ انيشيٽو جو مقصد پائيدار ترقي جي ايجنڊا تي عملدرآمد کي ??يز ڪرڻ آهي. صدر مملڪت چي?? ته پاڪستان ۽ چين گلوبل ڊولپمينٽ انيشيٽو تي عمل جي لاءِ مفاهمت جي يادداشت تي صحيحون ڪري چڪا آهن.
گلوبل ڊولپمينٽ انيشيٽو ذريعي پائيدار ترقي ۽ گڏيل خوشحالي يقيني بنائڻ جي لاءِ اوڀر وارين قومن جي گڏيل ڪوششن جي ضرورت آهي: صدر مملڪت آصف علي زرداري
مضمون کا ماخذ : لوٹیریا سانتا کیٹرینا