اسلام آباد -18 آگسٽ (اي پي پي) وزيراع??م محمد شهباز شريف چيو آهي، ته بجلي جي چوري روڪڻ، لائين لاسز ۾ گهٽتائي، بجلي جي رسد جي نظام کي بهتر بڻائڻ ۽ توان??ئي جي شعبي ۾ سڌارا ح??ومت جي اولين ترجيحن ۾ شامل آهن، ويجهڙ ۾ بجلي جي رسد جي 5 ڪمپنين ۾ نون بورڊ چيئرمينن ۽ ميمبرن جي مقرري هڪ شفاف عمل ذريعي ڪئي وئي آهي، اميد آهي ته انهن نين مقررين سان ڊسڪوز جي ڪارڪردگي ۾ بهتري ايندي. وزيراعظم، بجلي واري وفاقي وزير ۽ وفاقي سيڪريٽري کي بجلي جي ورڇيندڙ ڪمپنين جي ڪارڪردگي، ٻين معاملن تي 4 صوبن جو دورو ڪرڻ، صوب??ئي حڪومتن سان رابطا ڪري بجلي جي چوري خلاف هول آف دي گورنمينٽ اپروچ اختيار ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو ته صوب??ئي حڪومتون بجلي جي چوري جي حوالي سان پوليس فورس ۽ مختيارڪارن جو انگ ڊسڪوز جي ضرورتن موجب پوري ڪيو وڃي، ڊسٽريبيوشن ڪمپنين ۾ موجود ڪرپٽ ڌرين کي سختي سان منهن ڏنو وڃي ۽ انهن خلاف ڀرپور ڪاررو??ئي ڪئي وڃي. وزيراعظم ڊسڪوز جي عوامي شڪايتن جي ازالي جي حوالي سان عدالتي نظام کي موثر ۽ نتيجا ڏيندڙ بڻائڻ، بلوچستان جي زر??ي ٽيوب ويلن جي شمسي توان??ئي تي منتقلي جي حوالي سان جوڙيل اسٽيئرنگ ڪميٽي جو اجلاس فوري طور طلب ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ طرفان جاري بيان موجب وزيراع??م محمد شهباز شريف جي صدارت هيٺ توان??ئي ۽ پاور ڊويزن واري وزارت جي معاملن جو جائزو ورتو ويو. وزيراعظم کي پاور ڊويزن جي مختلف معاملن ??ي بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته بلوچستان جي زر??ي ٽيوب ويلن جي شمسي توان??ئي تي منتقلي جي حوالي سان ايس او پيز ۽ اسٽيئرنگ ڪميٽي کي نوٽيفاءِ ڪيو ويو آهي، سٺي ڪارڪردگي ڏيکاريندڙ آفيسرن جي همت افز??ئي جي حوالي سان پئڪيج تيار ڪيو پيو وڃي. وزيراع??م محمد شهباز شريف اجلاس م شرڪت ڪندڙن سان ڳالهائيندي چيو ته بجلي جي چوري جي روڪٿام، لائين لاسز م گهٽتائي، بجلي جي رسد جي نظام کي بهتر ڪرڻ ۽ توان??ئي جي شعبي ۾ سڌارا ح??ومت جي اولين ترجيحن ۾ شامل آهن. هن چيو ته ويجهڙ ۾ بجلي جي رسد جي 5 ڪمپنين ۾ نون بورڊ چيئرمينن ۽ ميمبرن جي مقرري هڪ شفاف عمل ذريعي ڪئي وئي آهي، اميد آهي ته انهن نين مقررين سان ڊسڪوز جي ڪارڪردگي ۾ بهتري ايندي. وزيراعظم پاور ڊويزن واري وفاقي وزير ۽ وفاقي سيڪريٽريءَ کي بجلي جي ورڇيندڙ ڪمپنين جي ڪارڪردگي ۽ ٻين معاملن تي چئني صوبن جو دورو ڪرڻ، صوب??ئي حڪومتن سان رابطا ڪرڻ ۽ بجلي جي چوري خلاف هول آف دي گورنمينٽ اپروچ اختيار ڪرڻ جي هدايت ڪئي. وزيراعظم چيو ته صوب??ئي حڪومتن کي بجلي جي چوري جي حوالي سان پوليس فورس ۽ مختيارڪارن جو انگ ڊسڪوز جي ضرورت موجب پورو ڪيو وڃي. هن چيو ته ڊسٽري بيوشن ڪمپنين ۾ موجود ڪرپٽ ڌرين سان سختي سان منهن ڏنو وڃي. وزيراعظم ڊسڪوز جي عوامي شڪايتن جي ازالي جي حوالي سان ٻڌڻين جي نظام کي موثر ۽ لاڀائتو بڻائڻ جي هدايت ڪئي آهي. وزيراع??م محمد شهباز شريف بلوچستان جي زر??ي ٽيوب ويلز جي شمسي توان??ئي تي منتقلي جي حوالي سان جوڙيل اسٽيئرنگ ڪميٽي جو اجلاس فوري طور طلب ڪرڻ جي هدايت پڻ ڪئي. اجلاس ۾ رٿابندي واري وفاقي وزير احسن اقبال، اقتصادي معاملن واري وفاقي وزير احد خان چيمه، بجلي واري وفاقي وزير اويس احمد لغاري ۽ لاڳاپيل اعليٰ آفيسرن شرڪت ڪئي.
بجلي جي چوري روڪڻ، لائين لاسز ۾ گهٽتائي ۽ بجلي جي رسد جي نظام کي بهتر بڻائڻ، شعبي جا سڌارا حڪومت جي اولين ترجيحن ۾ شامل آهن: وزيراعظم محمد شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : لاہور لاٹری