اسلام آباد-06 نومبر (اي پي پي) آءِ ٽي ۽ ٽيلي ڪميونيڪيشن بابت مملڪتي وزير شزه ??اط??ه خواجه چيو آهي ته انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ ڊ??ٽا جو پائدار سماجي ۽ اقتصادي ترقيءَ ۾ اهم ڪردار آهي. آءِ ٽي ذريعي آبي وسيلن، ڪلائيمنٽ پيٽرن ۽ زرعي ضرورتن جي باري ۾ صحيح ۽ حقيقت تي ٻَڌل ڊ??ٽا حاصل ٿئي ٿي. هوءَ ڪالهه هتي ”ب??لجندڙ آبهوا ۾ بهتر پاڻي ۽ فوڊ سيڪيورٽي لاءِ جامع ??اليسي سڌارن“ جي موضوع تي پارلياماني ڊائلاگ سيشن کي خطاب ڪري رهي هئي. هن چيو ته اڄ ٽيڪنالاجي استعمال سان پاڻيءَ جو مناسب استعمال يقيني بڻايو پيو وڃي، زرعي شعبي ۾ ٽيڪنالاجي جو استعمال ڪيو پيو وڃي. مملڪتي وزير چيو ته ڊ??ٽا جو پاليسي سازيءَ ۾ اهم ڪردار آهي. آءِ ٽي وزارت، آءِ ٽي کي هٿي ڏيڻ ۽ بهتر پبلڪ سروسز ڊليوري لاءِ ڊ??ٽا کي پهچ جوڳو بنائڻ لاءِ قدم کڻي رهي آهي. پاڪستان جي آءِ ٽي سيڪٽر ۾ تيزي سان ترقي ملڪ جي معاشي ترقيءَ ۾ ان جي اهم ڪرار جي نشاندهي ڪري ٿي، آءِ ٽي وزارت جدت، ڊجيٽل منتقلي ۽ اقتصادي ترقيءَ کي هٿي ڏيڻ لاءِ پُرعزم آهي. آءِ ٽي شعبي جي روانگي واپار ۾ واڌ ٿي رهي آهي.
آءِ ٽي ۽ ڊيٽا جو پائيدار اقتصادي ترقيءَ ۾ اهم ڪردار آهي، آءِ ٽي وزارت ڊجيٽل منتقلي لاءِ پُرعزم آهي: شزه فاطمه خواجه
مضمون کا ماخذ : سلور لائونیس 4x ضرب