اسلام آباد-20 ڊسمبر (اي پي پي)گهرو معاملن واري وفاقي وزير م??سن نقوي خيبرپختونخواه جي وڏي وزير علي امين گ??ڊا پور سان ملاقات ڪئي جنهن دوران امن امان جي صورتحال سميت ڪرم ۾ امن قائم ڪرڻ لاءِ کنيل قدمن جي حوالي سان ڳالهيون ڪيون ويون. وفاقي گهرو وزير م??سن نقوي خيبرپختونخواه جي وڏي وزير کي امن قائم ڪرڻ لاءِ هر ممڪن سهڪار جو يقين ڏياريو. گذريل ڏينهن وفاقي گهرو وزير پشاور ۾ وزيراعليٰ آفيس جو دورو ڪيو جتي وزيراعليٰ خيبر پختونخواه سندس آجيان ڪئي. ملات دوران گ??رو وزير م??سن نقوي خيبرپختونخواه ۾ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي ڪارڪردگي وڌائڻ جي حوالي سان هر ممڪن سهڪار جو يقين ڏياريو. هن چيو ته ڪرم ۾ امن جو قيام اسان جي ترجيح آهي، سمورين ڌرين جي مشوري سان ڪرم ۾ پائيدار امن جي قيام لاءِ قدم کڻڻ جي ضرورت آهي. وفاقي گهرو وزير محسن نقوي ۽ علي امين گ??ڊاپور دهشتگردي خلاف جنگ ۾ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي شهيدن کي خراج عقيدت پيش ڪيو. ان موقعي تي گهرو وزير چيو ته شهيد اسان لاءِ فخر جو سبب آهن سندن قربانين کي سلام پيش ڪيان ٿو. وزيراعليٰ ڪي پي ڪي چيو ته شهيدن جون قربانيون ناقا??ل فراموش آهن. اسان سڀ گڏجي دهشتگردي جو مقابلو ڪنداسين.
وفاقي گهرو وزير محسن نقوي پاران وزيراعليٰ خيبرپختونخواه علي امين گنڊا پور سان ملاقات
مضمون کا ماخذ : لاٹری کی تجزیاتی ایپ