واشنگٽن – 24 جولاءِ (اي پي پي) آمريڪا ۾ پاڪستاني سفير مسعود خان تعليمي پروگرام تحت آمريڪا جو دورو ڪندڙ 25 پاڪستاني شاگردن تي ٻڌل گروپ تي زور ڏنو آهي ته اهي پنهنجي ذهني صلاحيتن کي وسعت ڏيڻ ۽ نئين معلومجات حاصل ڪرن جي لاءِ ان تعليمي پروگرام کي هڪ موقعي طور استعمال ڪن. اسٽڊي آف يو ايس انسٽيٽيوٽس (ايس يو ايس آئي) پروگرام جو مقصد پاڪستان ۽ آمريڪا جي وچ ۾ مختلف ثقافتن وارن ماڻهن جي وچ ۾ هم آهنگي ۽ تعليمي تعاون کي هٿي ڏيڻ آهي. پنجن هفتن تي ٻڌل اهو ساليانو پروگرام 2010ع ۾ شروع ڪيو ويو، پاڪستاني سفير چيوت ه 1950ع ج?? ڏهاڪي کان وٺي اڄ تائين تعليم جو شعبو ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ مضبوط رابطي جو ذريعو رهيو آهي. هن شاگردن سان ملاقات دوران کين واڌايون ڏيندي چتو ته سندن چونڊ اسان جي لاءِ فخر جهڙي ڳالهه آهي. هن چيو ته اهو معلومات ۽ مهارتن جي مٽ??سٽا وارو عمل آهي ۽ اوهان هتان حاصل ٿيندڙ قدر جوڳي معلومات پنهنجي ملڪ کڻي ويندو. هن چيو ته دانشوراڻين صلاحيتن جي ڪا حد نه هوندي آهي، اوهان جنهن ماحول ۾ ڪم ڪندا آهيو، اوهان جا ساٿي اوهان جي تجربي مان س??ي ريت فائدو حاصل ڪندا.
تعليمي پروگرام کي موقعي جي طور تي استعمال ڪريو؛ آمريڪا جو دورو ڪندڙ شاگردن سان پاڪستاني سفير جي ڳالهه ٻولهه
مضمون کا ماخذ : میگا ملینز لاٹری