رياض-05 جولاءِ(اي پي پي) سعودي عرب جي پرڏيهي وزير شه??اده فيصل بن فرحان چيو آهي ته غزه پٽي ۾ في الحال جنگ بندي جا آثار نظر نه ٿا اچن. ميڊيا رپورٽن موجب ميڊرڊ ۾ ٿيل پرڏيهي معاملن بابت ڪانفرنس کي خطاب ڪندي هن چيو ته گڏيل قومن جي فيصلي جي ر??شني ۾ سعودي عرب غزه ۾ عالمي فوج مقرر ڪرڻ جي حمايت ڪري ٿو. ان عالمي فوج جو مقصد فلسطيني اٿارٽي جي مدد ڪرڻ هوندو. شه??اده فيصل بن فرحان چيو ته غزه ۽ اولهه ڪناري ۾ اسان کي ر??زانو اهڙا منظر ??سڻ ۾ اچن ??ا جيڪي فلسطين مسئلي جي ٻه رياستي حل کي خطرن ۾ وجهي ر??يا آهن.هن چيو ته اسپين سميت ٻين يورپي ملڪن پاران فلسطيني ر??است کي تسيلم ڪرڻ جا اعلان اميد جو هڪ ڪرڻو آهن. شه??اده فيصل بن فرحان چيو ته اسان کي لبنان جنگ جي ڦهلجڻ جو خد??و آهي ڇاڪاڻ ته لبنان ۾ ڪو به مستحڪم سياسي منظر نامو نظر نه ٿو اچي. هن پنهنجي خطاب ۾ ان اميد جو اظهار ڪيو ته غزه ۾ جاري جنگ رڪجڻ سان لبنان ۽ اسرائيل وچ ۾ سرحدي ڇڪتاڻ رڪجڻ ۾ مدد ملندي.
غزه پٽي ۾ جنگ بندي جا آثار نظر نه ٿا اچن: سعودي پرڏيهي وزير
مضمون کا ماخذ : comprar raspadinha