واشنگٽن- 19 نومبر (اي پي پي) آمريڪا جي نئين چونڊيل صدر ڊونلڊ ٽرمپ غيرقانوني طور رهندڙ پناهگيرن جي ملڪ بدري جي منصوبي جي تصديق ڪري ڇڏي آهي. دي اڪنامڪ ٽائمز جي رپورٽ مطابق نئين چونڊيل صدر چيو ته هو پنهنجي ان منصوبي تي عملدرآمد لاءِ قومي سطح تي هنگامي حالت لاڳو ڪرڻ جو ارادو رکي ٿو جنهن دوران رهندڙ پناهگيرن جن جي آمريڪا ۾ رهائش جي قانوني حيثيت ??اه??، انهن جي وڏي پيماني تي ملڪ بدري ۾ آمريڪي فوج جي مدد به ورتي ويند??. ڊ??نلڊ ٽرمپ اها ڳالهه پنهنجي سوشل ميڊيا پليٽ ف??رم?? ٽروٿ سوشل پرٽام فٽن طرفان ڪيل هڪ پوسٽ جي جواب ۾ ڪئي. واضح رهي ته جوڊيشل واچ نالي اداري سان ڳنڍيل ٽام فٽن دعويٰ ڪئي هئي ته ڊونلڊ ٽرمپ جي انتظاميه قومي ايمرجنسي جو اعلان ڪري غيرقانوني طور رهندڙ پناهگيرن جي ملڪ بدري ۽ غير قانوني اميگريشن کي منهن ڏيڻ لاءِ فوجي اثاثا استعمال ڪندو.
مضمون کا ماخذ : تھنڈرسٹرک II