رياض – 27 نومبر (اي پي پي )سعودي ڪابينه نئين بجيٽ جي منظو??ي ڏئي ڇڏي آهي، پرڏيهي ميڊيا مطابق سعودي عرب جي ولي عهد ۽ وزيراعظم شهزاده محمد بن سلمان گذريل ڏينهن رياض ۾ نئين مالي سا?? 2025ع جي بجيٽ جي منظوري لاءِ ڪابينه جي خصوصي اجلاس جي صدارت ڪئي. ڪابينه نئين مالي سال لاءِ بجيٽ جو جائزو ورتو ?? ان جي منظو??ي ڏني. نئين بجيٽ ۾ آمدني جو ڪاٿو 1.18 کرب ريال لڳايو ويو جڏهن ته خرچ 1.28 کرب ريال هوندو جنهن تحت بجيٽ خسارو 101 ارب ريال لڳايو ويو آهي. سعودي ولي عهد وزيرن ۽ عهديدارن کي هدايت ڪئي ته هو پنهنجين صلاحيتن مطابق مُلڪ جي ويزن 2030ع جي سفر ۾ بجيٽ ۾ شامل ترقياتي ۽سماجي پروگرام حڪمت عملي ۽ منصوبن تي عملدرآمد جو عهد ڪن. هن چيو ته اسان اقتصادي بنياد تي سگهارو بڻائڻ ۽ مملڪت جي مالي حيثيت جي طاقت کي وڌائڻ لاءِ ڪم ڪندا رهنداسين. هن مع??شي استحڪام جي مدد ۽ جامع ترقي حاصل ڪرڻ ۾ سيڙپڪاري فنڊ، نيشنل ڊولپمينٽ فنڊ ۽ ٻين ترقياتي فنڊز جي اهم ڪردار تي زور ڀريو. اهي انگ اکر سيپٽمبر ۾ ناڻي واري وزارت جي پري بجيٽ بيان مطابق آهن. جنهن ۾ مالي سال 2024ع جي ڪاٿي جي ڀيٽ ۾ آمدني ۽ خرچ ۾ چار سيڪڙو ۽ خساري ۾ 12 سيڪڙو گهٽتائي ڪئي وئي آهي. سعودي عرب جو مجموعي قرض 2025ع ۾ 1.3 کرب ريال تائين پهچڻ جو امڪان آهي جيڪو جي ڊي پي جو 29.9 سيڪڙو جي برابر آهي. نئين بجيٽ ۾ اهم منصوبن ۽ شعبن تي خرچ کي تيز ڪندي شهرين ۽ رهائشين لاءِ ضروري خدمتن کي برقرار رکڻ کي ??رج??ع ڏني ويندي.
سعودي ڪابينه نئين بجيٽ جي منظوري ڏئي ڇڏي، 101 ارب ريالن جو بجيٽ خسارو ظاهر
مضمون کا ماخذ : پاکستان لاٹری نمبر