اسلام آباد – 19 جولاءِ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر پرويز رشيد چيو آهي ته عمران خان سدائين وانگر هن ڀيري به بنا تحقيق جي نيب ۽ اس??اق ڊار تي بي بنياد الزام هنيا آهن، غيرذميواراڻا بيان ڏيڻ ۽ بعد ۾ قلابازي هڻي موقف تبديل ڪرڻ سندس شيوو آهي. پنهنجي هڪ بيان ۾ هن چيو ته عمران خان کي عوامي سطح تي ڪا پذيرائي حاصل نه آهي، بي بنياد الزام بازي ذريعي هو ماڻهن جون همدرديون حاصل ڪرڻ چاهي ٿو، عوام سندس اصل چهر?? چڱي ريت سڃاڻي چڪي آهي، اها ع??ران خان جي ڪوڙن ۽ بي بنياد الزام هڻڻ جي شيوي ۽ سندس ذهني پستي کان به چڱي ريت واقف ٿي وئي آهي.
مضمون کا ماخذ : لاتعداد وشال پانڈا