اسلام آباد – 04 اپريل (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي نوجوانن خاص طور تي شاگردن تي زور ڏنو آهي ته اهي پنهنجي عملي زندگي ۾ معاشري جي ترقي جي لاءِ پنهنجون سموريون صلاحيتون استعمال ۾ آڻين، نوجوانن کي علم ۽ تحقيق تي ڌيان ڏيندي موجوده وقت جي گهرجن موجب پنهنجو پاڻ کي درپيش چئلينجن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ تيار رکڻو پوندو، ٽيڪنالاجي جي حوالي سان وڏي??ن تبديليون اچي رهيون آهن، ان ڏس ۾ پاڪستاني نوجوانن کي پنهنجو موثر ڪردار ادا ڪرڻو پوندو. اهڙن خيالن جو ا??هار هن نيشنل يونيورسٽي آف ماڊرن لينگئيجز (نمل) جي 14 هين ڪانووڪيشن کي خطاب ڪندي ڪيو.
مضمون کا ماخذ : فائر جوکر