واشنگٽن-19 جنوري (اي پي پي) آمريڪا چيو آهي ته پاڪستان ۽ ايران وچ ۾ ڇِڪتاڻ واري صورتحال جو ويجهي کان مانيٽرنگ ڪري رهيو آهي ۽ ٻنهي ملڪن تي زور ڀريو ته هو ڇِڪتاڻ ۾ اضافي کا?? پاسو ڪن. اهڙو اظهار وائيٽ هائوس جي قومي سلامتي جي مشير جان ڪربي ايئرفورس ون ۾ صدر جوبائيڊن سان سفر ڪندڙ صحافي سان ڳالهائيندي ڪيو ۽ چيو ته ٻنهي ملڪن وٽ وڏي تعداد ۾ هٿيار آهن ۽ اسان انهن وچ ۾ ڇِڪتاڻ ۾ واڌ نٿا ڏسڻ چاهيون. هن وڌيڪ چيو ته اسان واضح طور تي ڏکڻ ۽ وچ ايشيا ۾ ڇِڪتاڻ ۾ واڌ نٿا ڏسڻ چاهيون ۽ اسان پنهنجي پاڪستاني هم من??بن سان رابطي ۾ آهيون. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته پاڪستان پنهنجي فوجي ڪاررواين تي پاڻ ٻُڌائيندو، هو ان باري ۾ محتاط رهڻ چاهين ٿا. هن چيو ته آمريڪا کي ان باري ۾ ڪا ڄاڻ نه هئي ته پاڪستان جوابي حملو ڪري سگهي ٿو. ٻئي پاسي آمريڪي کاتي جي ترجمان ميٿيوملر نيوز بريفنگ دوران چيو ته پاڪستان ۽ ايران وچ ۾ ڇِڪتاڻ کي ڪنهن به صورت ۾ وڌڻ نه گهرجي. هن هڪ سوال جي جواب ۾ چيو ته پاڪستان آمريڪا جو هڪ وڏو نان نيٽو ??تح??دي ملڪ آهي. ميٿيوملر چيو ته ايران ۽ پاڪستان ڇِڪتاڻ جو تعلق غزه جي تڪرار سان ناهي، پر خطي ۾ ڪشيدگي کي ڏسندي تڪرار ۾ واڌ جو خطرو آهي. ميٿيوملر چيو ته اسان 7 آڪٽوبر کان شروع ٿيل تڪرار جي وڌڻ جي امڪانن جي باري ۾ قابل يقين حد تائين فڪرمند آهيون ۽ ان ئي سبب اسان ڇِڪتاڻ کي روڪڻ لاءِ سخت س??ار??ي ڪوششون ڪيون آهن. هن چيو ته اسا?? پاڪستان ۽ پاڙيسري ملڪن وچ ۾ تعاون تي ٻَڌل لاڳاپن جي اهميت جي باري ۾ پاڪستان حڪومت جا تبصرا ٻُڌا آهن جيڪي اسان جي خيال ۾ نتيجو ڏيندڙ ۽ مفيد بيان هئا. هن چيو ته ٻئي ڌريون يقيني طور تي ڇِڪتاڻ ۾ اضافي سا?? پاسو ڪن ۽ تحمل کان ڪم وٺن.
پاڪستان ۽ ايران وچ ۾ ڇِڪتاڻ واري صورتحال جو ويجهي کان مانيٽرنگ ڪري رهيا آهيون: آمريڪا
مضمون کا ماخذ : سائٹس de loteria confiáveis