اسلام آباد – 04 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد نواز شريف چيو آهي ته پاڪستان دهشتگردي، بدعنواني ۽ منظم ڏوهن کي منهن ڏيڻ لاءِ سارڪ جي ميمبر ملڪن سان گڏجي ڪم ڪرڻ لاءِ پرعزم آهي، آپريشن ضرب عضب ۽ نيشنل ايڪشن پلان ۽ موثر عملدرآمد جي ذريعي دهشتگردي جي خلاف شاندار ڪاميابيون حاصل ڪيون آهن، خطي جي ترقي ۽ خوشحالي جي لاءِ مواصلاتي رابطا اڻٽر آهن. هن اها ڳالهه ڏکڻ ايشيائي ملڪن جي علائقائي تنظيم سارڪ جي گهرو وزيرن جي ستين ڪ??نفرنس جي افتتاحي ويهڪ کي خطاب ڪندي چئي. وزيراعظم چيو ته اهو ويزن هن سال ن??مبر پاڪستان جي ميزباني ۾ ٿيندڙ 19 هين سارڪ سمٽ جي ايجنڊا ۾ مدد گار ثابت ٿيندو
مضمون کا ماخذ : موبائل سے لاٹری کھیلیں