اسلام آباد – پهرين مارچ (اي پي پي) وزيراعظم محمد نواز شريف اي سي او سربراهه ??جلاس جي موقعي تي ڪرغزستان جي وزيراعظم جين بيڪوف سورنبائي سان ملاقات ڪئي. وزيراعظم سربراهه ??جلاس ۾ شرڪت تي ڪرغز وزيراعظم جا ٿورا مڃيا ۽ چيو ته سندس شرڪت سربراهه ??جلاس جي تجويزن کي لاڀائتو بڻائڻ ۾ وڌيڪ فائديمند ثابت ٿيندي. ڪرغز وزيراعظم سربراهه ??جلاس ڪاميابي سان منعقد ڪرڻ تي پاڪستان کي مبارڪباد ڏني ۽ پنهنجي ۽ پنهنجي وفد جي شاندار مهمان نوازي تي ٿورا مڃيا.
مضمون کا ماخذ : اولمپس کے خدا