لنڊن – 29 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم شاهد خاقان عباسي چيو آهي ته قومي ادارن ۾ ڪنهن قسم جو ڪو ٽڪراءُ نه آهي، سازشي نظرين تي يقين نه ٿو رکان ۽ نه ئي ملڪ ۾ اهڙي قسم جي ڪا گنجائش آهي. هيٿرو ايئرپورٽ تي صحافين س??ن ڳالهائيندي هن چيو ته ادارن جي و?? ۾ ٽڪراءُ جو تاثر رڳو اخبارن ۽ ٽي وي چينلز تي ئي نظر اچي ٿو. هن چيو ته سياسي ۽ فوجي قيادت آ??ريڪي پ??ڏيهي سيڪريٽري ريڪس ٽلرسن س??ن اسلام آباد ۾ ??ين??ڙ تازي ملاقات ۾ گڏ ويٺل هئي ۽ ملڪ جا سمورا ادارا قومي ترقي ۾ مجموعي طور تي پنهنجو ڪردار ادا ڪري رهيا آهن. هن ميڊيا کي ٻڌايو ته هي سندس نجي دورو آهي ۽ ان تي قومي ناڻي جو ڪو به پئسو خرچ نه ??ين??و. هن چيو ته هو سومر جي رات پاڪستان واپس پهچي ويندو.
مضمون کا ماخذ : سپر اسپنر