اسلام آباد – 07 نومبر (اي پي پي) وزيراعظم شاه?? خاقان عباسي چيو آهي ته پاڪ چين اقتصادي لنگهه ترقي يافته ملڪن جي صف ۾ شامل ٿيڻ لاءِ پاڪستان وٽ بهترين موقعو آهي، حڪومت پاڪ چين اقتصادي لنگهه ما?? فائدو کڻڻ جي لاءِ سمورين وفاقي ڌرين کي برابر موقعا فراهم ڪيا آهن، پاڪستان دهستگردي خلاف جنگ ۾ وڏيون قربانيون ڏنيون آهن. اهڙن خيالن جو اظهار هن 107 هين نيشنل مئنيجمينٽ ڪورس ۾ شريڪ سينيئر سول سرونٽس سان وزيراعظم هائوس ۾ ملا??ات دوران ڪيو. ملا??ات دوران وزيراعظم پاليسي سازي ۽ ان تي عملدرآمد ۾ سول سرونٽس جي اهم ڪردار تي زور ڏنو. وزيراعظم چيو ته اهم معاملن تي توهان جي پيشيواراڻي راءِ ۽ ٽيڪنيڪل معاملن تي رهنمائي سياسي قيادت جي لاءِ انتهائي اهميت واري آهي.
مضمون کا ماخذ : مردہ یا زندہ II