اسلام آباد – 03 آڪٽوبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته قومي ادارن کي هڪ ٽريلين جو نقصان ٿي ??هيو آهي، ان جو ذميوار ڪير آهي، سينيٽر مشاهد الله 1990ع ۾ پي آءِ اي ۾ لوڊر طور ڀرتي ٿيو، ان جهڙا ماڻهو سياست تي ڪارو داغ آهن، ان جي هرنيا جي آپريشن 30 لک رپين جي ٿي ??يڪا پي آءِ اي برداشت ڪئي، پاڪستان تحريڪ انصاف کي عوام ان لاءِ ووٽ ناهن ڏنا جو هو چورن سان ٺاهه ڪندي وتي، اهڙن ماڻهن کي بي نقاب ڪنداسين. پارليامينٽ هائوس ٻاهران سينيٽ ۾ قائد ايوان شبلي فراز، سينيٽر اعظم سواتي، سينيٽر محسن عزيز، سينيٽر فدا محمد خان سان گڏ صح??فين سان ڳالهائيندي وفاقي وزير چيو ته پاڪستان جي عوام تحريڪ انصاف کي احتساب جي نالي تي ووٽ ڏنو.
مضمون کا ماخذ : گولڈ رش